جاويد اقبال کي گمشدگي ڪميشن چيئرمين شپ تان هٽائڻ جي سفارش معطل

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس (ر) جاويد اقبال کي گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جي چيئرمين جي عهدي تانهٽائڻ جي سفارش معطل ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عامر فاروق درخواست تي حڪم جاري ڪندي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي جسٽس (ر) جاويد اقبال کي گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ واري سفارش کي معطل ڪري ڇڏيو. درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جاويد اقبال کي گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جي سربراهي کان هٽائڻ لاءِ خط لکڻ جو فيصلو ڪيو،جنهن ۾ جاويد اقبال کي ڪميشن جي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ جي سفارش ڪئي .عدالت پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سفارش کي معطل ڪندي ان خلاف درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 13 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو.عدالت ڌرين کي اڳوڻي نيب چيئرمين خلاف انضباطي ڪارروائي کان به روڪي ڇڏيوآهي. 03

سپريم ڪورٽ ۾ مراد علي شاهه جي  نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ سيد مراد علي شاهه جي نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڃاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي نااهلي جي حوالي سان ڊائر ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ لارجر بينچ جي استدعا رد ڪري ڇڏي آهي. اڱاري ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطابنديال جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪئي، جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر به بينچ ۾ شامل هئا. بينچ ڪيس جي ٻڌڻي اڻڃاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

بند پيل چلڊرن اسپتال نارٿ ڪراچي 15 ڏينهن اندر فعال ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صحت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته بند پيل چلڊرن اسپتال نارٿ ڪراچي کي 15 ڏينهن اندر فعال ڪيو وڃي ۽ اسپتال جون رهتون ادا ڪرڻ ۽ هلائڻ لاءِ تيار آهي. پرائيويٽ پارٽنر ۽ حڪومت وچ ۾ تڪرار سبب نارٿ ڪراچي جي عوام کي صحت جي سهولتن کان محروم نٿو رکي سگهجي تنهنڪري علائقي جي مفاد خاطر اسپتال کي جلد شروع ڪيو وڃي. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ جي پاليسي بورڊ جي 37 هين اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. ان موقعي تي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، مڪاني ادارن وارو وزير ناصر شاهه، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، وڏي وزير جو خاص مددگار سيد قاسم نويد، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وائيس چانسلر اين اي ڊي يونيورسٽي، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو بقاءُ الله انڙ، عارف بروهي، سيڪريٽري بلديات نجم شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

فريئر هال اڏاوت، ڊي جي پارڪس ۽ ٻين خلاف توهين عدالت نوٽيس معطل

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ فريئرهال ۾ نئين اڏاوت کي ختم نه ڪرڻ واري فيصلي تي ڊي جي پارڪس جنيد الله  ،ڊي جي اينٽي انڪروچمنٽ بشيرصديقي ۽ايڊووڪيٽ عذرامقيم جي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي .عدالت سنگل بئنچ جو آرڊ معطل ڪري ڇڏيوآهي.جڏهن ته ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن . سنگل بئنچ سينئر ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمنٽ بشيرصديقي ،ڊي جي پارڪس سميت ٻين جي خلاف توهين عدالت ڪاروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو . آفيسرن سنڌهاءِڪورٽ 20جون جي عدالتي حڪم تي عمل درآمد نه ڪرڻ جو الزام هو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.