ٻوڏ متاثر بلوچستان واسين لاءِ  صحت کاتي سنڌ جي امداد

حيدرآباد(رپورٽر) ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ حيدرآباد ڊاڪٽر وقار محمود پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ حڪومتهميشه ملڪ جي ٻين صوبن جي رهواسين جي مشڪل گهڙي ۾ مدد ڪندي آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ تازين زوردار برساتن / ٻوڏ جي صورتحال ۽ ان سبب اتي هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آهن جنهن کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي وڏي وزير سمورن لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي ترت بلوچستان جي متاثرٿيل علائقن ۾ امدادي سامان مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي صحت کاتي گهربل دوائن ۽ نانگ جي ڏنگ واري ويڪسين وڏي مقدار ۾ پراونشنل ڊزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽي جي حوالي ڪئي آهي ته جيئن اها بلوچستان جي برسات متاثرٿيل علائقن جي ماڻهن جي علاج لاءِ ڪتب آڻي سگهجي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.