حڪومت فيصلي جو جائزو وٺي سپريم ڪورٽ کي ڊڪليئريشن موڪليندي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد (م ڊ)وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ۽ اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ڪروڙين رپين جا فنڊ وٺي پنهنجي سياست چمڪائي، اليڪشن ڪميشن طرفان منع ٿيل فنڊنگ ڪيس جو فيصلو اچڻ کانپوءِ عمران خان کي قوم کان معافي وٺي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، اڄ هڪ آئيني اداري عمران خان کي چور قرار ڏنو آهي. هن خيرات جو پئسو سياست لاءِ استعمال ڪيو، هر سياسي پارٽيءَ کي اليڪشن ڪميشن کي خرچن، آمدني ۽ـ ذريعن بابت ٻُڌائڻو هوندو آهي. پي ٽي آءِ پنهنجي اڪائونٽس کان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪيو.عمران خان جو مني ٽريل ان جي بيانيي جي خلاف آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ۽ اعظم نذير تارڙ اڱاري ڏينهن هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.. راڻا ثناءُ الله چيو ته اڄ هڪ آئيني اداري عمران خان کي چور قرار ڏئي ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ سربراهه خيرات جو پئسو سياست لاءِ استعمال ڪيو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان   جيڪو فيصلو آيو آهي، عمران خان کي ان تي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي. ان موقعي تي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته هر سياسي پارٽيءَ کي اليڪشن ڪميشن کي خرچن، آمدني ۽ ذريعن بابت ٻُڌائڻو هوندو آهي. پي ٽي آءِ پنهنجي اڪائونٽس کان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪيو آهي. پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته منع ٿيل فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان چور، مني لانڊرنگ ڪندڙ امپورٽڊ ۽ پرڏيهي ايجنٽ ثابت ٿي ويو آهي. هن اليڪشن ڪميشن ۾ ڪوڙا حلفي بيان جمع ڪرايا، 450 ڪئنال زمين لاءِ ملڪ رياض کي غريب عوام جا 250 ملين ڊالر تحفي ۾ ڏنا، 2 ملين پائونڊ لاءِ بجلي گهر لڳائڻ ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي 250 ارب رپين جي سيڙپڪاريءَ کي ختم ڪري ڇڏيو .. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.