غازي ڳوٺ کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن: محمد حسين محنتي

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي غازي ڳوٺ تي پوليس چڙهائي،عورتن ٻارڙن مٿان پوليس تشدد ۽ فائرنگ جي سخت مذمت ڪندي ڳوٺاڻن کي مالڪاڻا حق، ڪجهه آفيسرن خلاف ڪاروائي کي ناڪافي قرار ڏيندي وڏي وزير مُراد علي شاهه کي پاڻ سرزمين تي اچي ڳوٺاڻن کان معافي وٺڻ جي گهر ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ غازي ڳوٺ جو دورو، متاثرن سان همدردي جو اظهار ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي مقامي اڳواڻ حماد الله ڀٽو،اصغر گبول، اعجاز سامٽيو،الطاف ميمڻ ،مجاهد چنا ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. هن وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي هر ظالم خلاف ۽ مظلومن سان گڏ آهي، نعمت الله خان جي دور ۾ غازي ڳوٺ سميت ڪيترائي ڳوٺ پڪو ڪرڻ لاءِ سروي ڪيو ويو هو، پران وقت متحده جي گورنر عشرت العباد صحيح نه ڪري غريب دشمني جو ثبوت ڏنو هو. جڏهن هن تڪ مان مولانا اسدالله ڀٽو ايم اين اي ۽ يونس بارائي ايم پي اي چونڊيا ويا هئا ته ان وقت به بلڊر مافيا ڳوٺ ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن کي مزاحمت ڪري ناڪام بنايو ويو هو. هن چيو ته سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي دعويدار پ پ حڪومت جي دور ۾ غازي ڳوٺ جي سنڌي نياڻين مٿان فائرنگ، شيلنگ تي پيپلزپارٽي ۽ وڏي وزير کي شرم اچڻ گهرجي. پيپلزپارٽي جي سنڌ سرڪار غازي ڳوٺ جهڙا واقعا ڪرائي ڪراچي ۾ فساد پکيڙڻ چاهي ٿي.هن هڪ سوال جي جواب ۾ ڪراچي سسٽم کي سازشي سسٽم قرار ڏيندي چيو ته عوام جي جان مال جو تحفظ ۽ کين زندگي جون سڀئي سهولتون فراهم ڪرڻ کي سسٽم چوندا آهن. هي ڪهڙو سسٽم آهي جنهن ۾ غريبن کي پنهنجن اجهن کان محروم ڪيو پيو وڃي.ڳوٺن جي ڪري ئي ته اڄ ڪراچيءَ ۾ رونق آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.