اسلام آباد(م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ممنوعه فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي عمران خان جي ڏوهن جي تصديق قرار ڏيندي چيو آهي ته چور، ڪوڙو ۽ مني لانڊرر آخرڪار 8 سالن کانپوءِ پڪڙيو ويو، عمران خان عالمي مني لانڊرر ثابت ٿي چڪو آهي، هو صادق ۽ امين نه آهي، پارٽي چيئرمين جي عهدي تان فوري طور تي استعيفيٰ ڏي، عمران خان پاڪستان جي خلاف غيرملڪي سازشي منصوبو هو ۽ آهي. وفاقي حڪومت قانون موجب اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي عملدرآمد ڪندي. هن چيو ته عمران خان ان چوري جي ڪري اليڪشن ڪميشن تي حملا ڪري رهيو آهي.