اليڪشن ڪميشن صدر علوي ۽ عمران سميت 5 اڳواڻن کي نااهل ڪري سگهي ٿي

اسلام آباد (تبصرو: اعزاز سيد / عمر چيما ) اليڪشن ڪميشن جو فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو بلڪل واضح آهي. 13 اڪائونٽ پي ٽي آءِ ظاهر نه ڪيا ۽ لڪايا جن ۾ ٻه  اڪائونٽ عمران خان جا پنهنجا  به شامل آهن، عمران خان 5 سالن کان حلفيا ڊڪليريئشن ۾ غلط بياني کان ڪم وٺندو رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن  پي ٽي آءِ کي في الحال نوٽيس جاري ڪيو آهي. ان کانپوءِ ٿي سگهي ته اليڪشن ڪميشن صدر عارف علوي، عمران خان، محمود الرشيد، عمران اسماعيل، اسد  قيصر ۽ شاهه زمان کي نااهل قرار به ڏئي ڇڏي جهڙي طرح فيصل واوڍا کي ٻٽي شهريت ظاهر نه ڪرڻ ۽ غلط بياني ڪرڻ جي الزام ۾ نااهل ڪيو ويو. نامياري صحافي عمر چيما جو چوڻ آهي ته جيڪو بلڪل واضح ۽ ٺوس ثبوت سامهون آيا آهن، انهن مطابق عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جو بچڻ ناممڪن آهي، اعزاز سيد جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آئين ۽ قانون مطابق فيصلا ڪيا ويا ته هڪ نجوميءَ جي اڳڪٿي سچي  ثابت ٿي ويندي ته عمران خان مستقبل ۾ ڪڏهن به وزيراعظم نه ٿي  سگهندو. جڏهن 10 آگسٽ  کان 23 سيپٽمبر تائين عمران خان جو ستارو گردش ۾ هوندو. سندس لاءِ  اهي ڏنيهن انتهائي ڏکيا آهن.  سياسي طور بچي نه ويو تڏهن  به وزيراعظم  نه ٿي سگهندو. عمران خان  هاڻي اڳرائي واري پوزيشن ۾ نه آهي، عدالت تي ڪيس کي ڊيگهه ڏيڻ جي ڪوشش  ڪندو ۽ حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ جي به ڪوشش ڪندو. اسان جو عدالتي نظام بدقسمتيءَ  سان اهڙو آهي جو اڳواٽ ڪابه حتمي راءِ نه ٿي ڏئي سگهجي. اهو ضرور آهي ته سپريم ڪورٽ معاملو ويو ته هن  اهم معاملي تي ٽي رڪني بئنچ ڪو فيصلو نه ڪندي فل ڪورٽ ويهندي ان ڪري انصاف جي اميد وڌيڪ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.