فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو، ن ليگ جو امتحان شروع

لاهور (تبصرو: معظم فخر)  فارين فنڊنگ ڪيس جي فيصلي هڪ طرف عمران خان ۽ پي ٽي آءِ قيادت کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي ته  ٻئي طرف اتحادي حڪومت جو به امتحان شروع ٿي ويو آهي، نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته 2016ع جو سپريم ڪورٽ  جو حنيف عباسي جي پٽيشن تي ڏنل فيصلو  بلڪل واضح آهي ته اليڪشن ڪميشن  عمران خان جي جمع ڪرايل حلف نامن کي ڪوڙو قرار ڏنو ته پوءِ ڪارروائي ڪئي ويندي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سپريم ڪورٽ جي 2016ع واري فيصلي جي ڪاپيءَ  سان گڏ اليڪشن  ڪميشن جي فيصلي جي ڪاپي گڏ هڻي سپريم ڪورٽ پهچي وڃجي (ن) جو امتحان اهو آهي ته هن مرحلي  تي جيڪڏهن  ڪنهن مصلحت يا مفاهمت کان ڪم ورتو ويو ۽ ڪنهن دٻاءَ يا سفارش سبب رک رکاءَ  کان ڪم ورتو ويو ته پوءِ پي ٽي آءِ جي سياست جو ته زوال شروع آهي پر (ن)  ليگ جي سياست جو به زوال شروع ٿي ويندو. (ن)  ليگ سنجيدگي ۽ مستقل مزاجيءَ  سان ريفرنس داخل  ڪري ان جي پوئواري ڪئي ته پوءِ اهو ممڪن آهي ته عمران خان ملڪي سياست ۾ فقط تاريخ  بڻجي وڃي، ڇو ته اطلاع آهن ته پرويز خٽڪ جون ڊوڙون تيز ٿي ويون آهن ۽  طاقتور حلقن کي منٿ ميڙ ڪئي پئي وڃي ته ڪو محفوظ  رستو ڏياريو وڃي، اهو به ممڪن  آهي ته حڪومت  کي به اين آر او ڏيڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪئي وڃي (ن) ليگ سخت موقف اختيار ڪيو ته پوءِ سياسي ساک به بحال ڪرائي ويندي ۽ پي ٽي آءِ به ماضيءَ  جو قصو  بڻجي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.