عمران خان انٽرنيشنل چور آهي، پي ٽي آءِ تي پابندي مڙهي اڳواڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا وڃن: سنڌ جا وزير

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ڪابينا جي ميمبرن شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر حسين شاھ، سيده شهلا رضا، نواب تيمور ٽالپر ۽ قاسم نويد چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن تاريخي فيصلو ڏنو آهي، ثابت ٿي ويو ته عمران خان انٽرنيشنل چور آهي، جنهن  نه صرف قوم کي ڌوڪو ڏنو آهي، پر پوري دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي جذبن سان کيڏڻ ۾ ڪائي ڪسر ناهي ڇڏي. پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم سڀ کان وڏو مني لانڊرز نڪتو ، هنن چيو ته وفاقي حڪومتي جا ادارا ايف آءِ اي سميت نيب، ايف بي آر، اسٽيٽ بينڪ کي فوري طور تي تحرڪ ۾ آندو وڃي ،ان سان گڏ عمران خان ۽ سندس ساٿارين جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيا وڃن ته جيئن اهي ماڻهو ملڪ مان فرار نه ٿي سگھن. ھنن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته  معاملي جي وڌيڪ جانچ لاءِ جي آئي ٽي جوڙي وڃي ۽ قانون اجازت ڏئي ته  عمران خان کي گرفتار ڪيو وڃي،اهڙن خيالن جو اظهار هنن سنڌ اسيمبلي آڊيٽوريم ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير اطلاعات سنڌ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هي شخص پاڪستان لاءِ بدنامي جو ڪارڻ بڻيو آهي، هاڻي اسان جي ملڪ کي چيرٽي ڪير ڏيندو، هن شخص جي حرڪتن جي سبب پوري دنيا کي غلط پيغام ويو آهي. فيصلي مان ثابت ٿي ويو ته عمران خان کان وڏو چور، منافق ، ڪوڙو، ڌوڪي باز پاڪستان جي تاريخ ۾ پيدا ناهي ٿيو،هن چيو ته آخر پاڪستان جي سياست ۾ اسرائيل ۽ انڊيا جا ماڻهو ڇو فنڊنگ ڪري رهيا آهن، عمران خان انھن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي اڄ جي فيصلي جي روشني۾ عمران خان تي پابندي لڳڻ گهرجي هن چيو ته عمران خان جي پوڻا چار سالن جي   حڪومتي دور ۾ جيڪي به قدم کنيا ويا،  انھن جي تحقيقات ٿيڻ گهرجي هن چيو ته وفاقي  وزير داخلا رانا ثناء الله کي گذارش آهي ته انهن سڀني جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وجهڻ جو فوري نوٽيفڪيشن جاري ڪن. ڇوته هاڻي وفاقي حڪومت تي لازم آهي ته انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هاڻي لاڏلو ازم جو خاتمو ڪرڻو پوندو.  جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته عوام روڊن تي هوندي. قانون سڀن لاءِ هڪ جھڙو ھئڻ گھرجي.  هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته ترت ئي پي ٽي آئي ڪالعدم تنظيم بڻجي ويندي،  ضروري آهي ته ڪالعدم تنظيم جي سربراھ عمران خان ۽ ان جي جماعت تي پابندي لڳڻ گهرجي. هن چيو ته اڊيالا جيل جي صفائي ڪئي وڃي. سيد ناصر حسين شاھ چيو ته عمران خان انٽليڪچول ڪرپٽ آهي. ڪوڙ ڳالهائي ملڪ ۾ ڏڦيڙ  پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. سيده شهلا رضا چيو ته ٻئي تي الزام لڳائڻ وارو وڏو ڌاڙيل ۽ چور نڪتو نواب تيمور ٽالپر چيو ته هي شخص نسل در نسل ڪرپٽ آهي. ان جو والد به پڻ ڪرپٽ هو.  ان جو پٽ به  ڪرپٽ نڪتو. عمران خان ٻاهرين ملڪن جي ايجنڊي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.