”صاف ۽ شفاف چلي“ وارو بيانيو به دف ٿي ويو: سراج الحق

ڪوئيٽا(م ڊ) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان پي ٽي آءِ بي نقاب ٿي وئي آهي ۽ ان جو /”صاف ۽ شفاف چلي“ وارو بيانو به دف ٿي ويو آهي. هن سڌي ڪيس کي اٺن سالن تائين لٽڪائڻ جو سبب سمجھ کان ٻاهر آهي. ان مان ثابت ٿي ويو آهي ته جماعت اسلامي جو موقف درست آهي ته ٽئي وڏيون سياسي پارٽيون مافيائن جو ڪلب آهن. مان عوام کي اپيل ٿو ڪريان ته ملڪ کي معاشي تباهي، بيروزگاري ۽ مهانگائي جي ڪناري تي آڻڻ جي ذميوارن وڏيرن، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي پارٽين کي الوداع چئي جماعت اسلامي جو ساٿ ڏي ته جيئن ڪرپشن کان پاڪ هڪ آزاد اسلامي فلاحي پاڪستان قائم ڪري سگهجي. انهن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا پريس ڪلب پاران منعقد ڪيل پروگرام ”حال احوال“ ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ڪيو. ان موقعي تي امير جماعت اسلامي بلوچستان هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ فوجي آفيسرن ۽ جوانن جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.