عمران خان ڀارت ۽ اسرائيلي شهرين جي فنڊنگ تي جواب ڏئي: شاهد خاقان

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي مان ثابت ٿي ويو آهي، ته پي ٽي آءِ سڀ کان وڏي چور جماعت آهي، عمران خان ڏيڍ ڪروڙ رپيا انهن ذريعن وسيلي حاصل ڪيا جنهن جي پاڪستان جو قانون اجازت نٿو ڏئي، ٻين تي غداري جو الزام لڳائيندڙ جواب ڏين ته هو ڀارت ۽ اسرائيل جي شهرين کان فنڊنگ وٺي ڪنهن لاءِ ڪم ڪندو رهيو. اهڙو اظهار هن اڱاري ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. شاهد خاقان عباسي چيو ته 8 سال اڳ پي ٽي آءِ جي باني اڳواڻ اڪبر ايس بابر اهو ڪيس اليڪشن ڪميشن ۾ ڪيو هو. اهو ڪيس 8 سالن تائين ٻڌڻي هيٺ رهيو. پي ٽي آءِ ان کي دير جو شڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پي ٽي آءِ ڪو به رڪارڊ فراهم ناهي ڪري سگهي. هن چيو ته آمريڪا ۾ فنڊنگ لاءِ ڪمپنيون ٺاهيون ويون جيڪي غير ملڪي شهرين ۽ ڪمپنين کان فنڊ وٺنديون هيون. 34 غير ملڪي شهرين ۽ 351 غير ملڪي ڪمپنين کان فنڊ حاصل ڪيا ويا. ووٽن ڪرڪيٽ ڪلب جيڪا ڪيمين  جي ڪمپني آهي ان مان 55 ڪروڙ رپيا پي ٽي آءِ جي اڪائونٽ ۾ ڪيئن آيا جڏهن ته اها رقم پاڪستان ۾ فلاحي ڪمن لاءِ ڏني وئي هئي. شاهد خاقان عباسيءَ  چيو ته اهو ته واضح ٿي ويو آهي ته ڏيڍ سئو ڪروڙ رپيا عمران خان غير ملڪي ڪمپنين ۽ شهرين کان ورتا، جيڪا نج قانون جي ڀڃڪڙي آهي هن چيو ته ڪير صادق آهي ۽ ڪير امين آهي، اهو ثابت ٿي ويو آهي. هن چيو ته نواز شريف لاءِ هڪڙو قانون ۽ عمران خان لاءِ ٻيو قانون نٿو ٿي سگهي. هڪ سوال جي جواب م هن چيو ته اڪبر ايس بابر اهو ڪيس ڪيو هو جنهن جو فيصلو آيو آهي. ايندڙ حڪمت عملي جو فيصلو آئيني ماهر ۽ قانون واري وزارت طي ڪندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ کي پنهنجي اڪائونٽن ۽ فنڊنگ جي حوالي سان جواب ڏيڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.