ادارن کي عمران خان خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان  قانون واري صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي مان ثابت ٿي ويو آهي ته عمران خان جا جمع ڪرايل اڪائونٽس غلط آهن، سمورا تفصيل سندس دستخط سان جمع ڪرايا ويا آهن،تحريڪ انصاف 2009 کان 2013 تائين غلط معلومات جمع ڪرائي. عدالتي فيصلي موجب عمران خان هاڻي صادق امين ناهي رهيو، هاڻي ادارن کي سندس خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.  اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي بلڊنگ جي آڊيٽوريم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هن چيو ته عمران خان مٿان ڏوهه ثابت ٿي چڪو آهي، قانوني طور تي سياسي پارٽي کي غير قانوني قرار ڏيڻ لاءِ حڪومت ان فيصلي کي عدالت ۾ وٺي ويندي

فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي فل ڪورٽ ڪري: خرم دستگير

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو آهي، ته منع ٿيل فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان پنهنجو پاڻ کي صادق ۽ امين قرار ڏيندڙ ڪوڙو ثابت ٿي ويو آهي، اڳوڻي سليڪٽڊ وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي سربراهه اليڪشن ڪميشن ۾ ڪوڙو حلف نامو جمع ڪرايو، قانون مطابق سياسي پارٽيون پرڏيهي ڪمپنين ۽ شهرين کان فنڊ نٿيون وٺي سگهن. 2014ع کان 2018ع تائين جا کاتا کليا ته گهڻو ڪجهه سامهون ايندو، هاڻي وفاقي حڪومت قانون مطابق دم کڻندي، سپريم ڪورٽ لاءِ سياسي ڪيس امتحان هوندو آهي، ضروري آهي ته اهڙن معاملن جي ٻڌڻي فل ڪورٽ ڪري. اڱاري ڏينهن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر ۽ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ خلاف منع ٿيل فنڊنگ جو ڪيس پي ٽي آءِ جي هڪ سينئر اڳواڻ داخل ڪيو هو، جيڪو ان ڳالهه تي پريشان هو ته ان جو چيئرمين ڪهڙي طرح قانون ٽوڙي رهيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.