عمران خان غيرملڪي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو هو: نوازشريف

لنڊن(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ اهو ثابت ٿي ويو آهي ته عمران خان هڪ غيرملڪي ايجنڊا ملڪ ۾ لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو اٺ سالن کانپوءِ آيو، ائين ناهي جيئن اسان جي زماني ۾ واٽيس ايپ تي جي آءِ ٽي بڻجي وئي هئي، جنهن فٽافٽ جعلي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، هن چيو ته هن شخص پاڪستان جي معيشت، معاشرو ۽ سياست تباهه ڪري ڇڏي، هن چيو ته مون کي اهڙي شئي تي ڪڍيو ويو جيڪا سمجهه ۾ نه اچڻ واري آهي، ته مون پنهنجي پٽ کان پگهار نه ورتي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.