پي ٽي آءِ تي پابندي پيل فنڊنگ ثابت، عمران جو حلفي بيان ڪوڙو آهي:اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان تحريڪ انصاف  جي پابندي پيل پرڏيهي فنڊنگ بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ پابندي پيل فنڊنگ ورتي. اليڪشن ڪميشن پابندي پيل فنڊنگ ڪيس جو فيصلو  ڪالهه صبح 10 وڳي ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو هو پر ڪجهه دير کانپوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا 3 رڪني بئنچ جو گڏيل فيصلو ٻڌايو. فيصلي جي اهم نڪتن تحت ثابت ٿيو ته پي ٽي آءِ پابندي پيل فنڊ ورتا. 13 اڻڄاتل اڪائونٽ سامهون آيا . آمريڪا، آسٽريليا ۽ گڏيل عرب رياستن مان عطيا ورتا ويا .پي ٽي آءِ انهن اڪائونٽن بابت ٻڌائڻ ۾ ناڪام رهي. آئين موجب اڪائونٽ لڪائڻ غير قانوني آهي. پي ٽي آءِ 34 پرڏيهين، 351 ڪاروباري ادارن ۽ ڪمپنين کان فنڊ ورتا. پي ٽي آءِ عارف نقوي جي ڪمپني ووٽن ڪرڪيٽ کان پابندي پيل فنڊنگ ورتي. ووٽن ڪرڪيٽ لميٽيڊ ابراج گروپ جي ماتحت ڪم ڪري رهيو هو .يو اي اي جي ڪمپني برسٽل انجنيئرنگ سروسز کان 49 هزار 965 ڊالرن جي پابندي پيل فنڊنگ ورتي. سياسي جماعتن جي ايڪٽ جي آرٽيڪل 6 موجب پرڏيهي فنڊنگ تي پابندي آهي. عمران خان فارم ون جمع ڪرايو، جيڪو غلط بياني ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي. پارٽي اڪائونٽن بابت ڏنل حلفي بيان ڪوڙو آهي. فيصلي ۾ چيو ويو ته خانگي بئنڪ ۾ ٻئي اڪائونٽ عمران خان پي ٽي آءِ جي نالي سان کولرايا. هڪ بئنڪ اڪائونٽ ۾ 8 ڪروڙن کان وڌيڪ ۽ ٻئي ۾ 51 هزار ڊالر هئا. گڏيل عرب رياستن جو قانوني خيراتي تنظيمن جا عطيا گڏ ڪرڻ کان روڪي ٿو.فنڊنگ ريزنگ لاءِ اجازت گهربل هوندي آهي، اجازت نه وٺڻ يو اي اي قانون جي ڀڃڪڙي آهي .اليڪشن ڪميشن پابندي پيل فنڊنگ ثابت ٿيڻ تي تحريڪ انصاف کي شوڪاز نوٽيس به جاري ڪري ڇڏيو آهي.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڇو نه انهن جا پابندي پيل فنڊ ضبط ڪيا وڃن، اليڪشن ڪميشن آفيس قانون موجب ڪارروائي به شروع ڪري، فيصلي جي ڪاپي وفاقي حڪومت کي جاري ٿا ڪيون. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اهو ثابت ٿيو ته تحريڪ انصاف منع ٿيل فنڊنگ ورتي. فيصلي ۾ پي ٽي آءِ کي آمريڪا، ڪيناڊا ۽ ووٽن ڪرڪيٽ سان مليل فنڊنگ غير قانوني قرار ڏني وئي، فيصلي ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ ڄاڻي واڻي ووٽن ڪرڪيٽ لميٽڊ کان منع ٿيل فنڊنگ حاصل ڪئي. فيصلي ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ عارف نقوي سميت 34 پرڏيهين کان فنڊ ورتا. ابراج گروپ، آءِ پي آءِ ۽ يو ايس آءِ کان به فنڊ حاصل ڪيا. يو ايس اي ايل ايل سي کان ورتل فنڊ به منع ٿيل ثابت ٿي.روميتا سيٺي سميت ٻين پرڏيهين کان ورتل فنڊنگ ۽ پرڏيهي ڪمپنين کان ملندڙ فنڊنگ به غير قانوني قرار ڏني وئي. پي ٽي آءِ 8 اڪائونٽ ظاهر ڪيا، 13 ڳجها رکيا. 13 اڻ ڄاتل اڪائونٽ سامهون آيا، جن جا تحريڪ انصاف رڪارڊ نه ڏئي سگهي. پي ٽي آءِ جن اڪائونٽن کان لاتعلقي ڏيکاري اهي سينئر قيادت کولرايا هئا. فيصلي ۾ چيو ويو ته عمران خان اليڪشن ڪميشن وٽ 2008 کان 2013ع تائين غلط ڊڪليئريشن جمع ڪرائي. سندس فنڊنگ بابت سرٽيفڪيٽ درست ناهي. اڪائونٽس بابت پي ٽي آءِ جو حلف نامو ڪوڙو ۽ عمران خان طرفان جمع ڪرايل فارم ون غلط قرار ڏنو ويو.  پي ٽي آءِ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي چيو ويو ته منع ڪيل فنڊز وٺڻ تي ڇو نه توهان جا فنڊز ضبط ڪيا وڃن، فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته پي ٽي آءِ طرفان 13 پرڏيهين کان فنڊز ورتا ويا .اليڪشن ڪميشن جي فيصلي موجب آمريڪا، آسٽريليا ۽ يو اَي اِي مان فنڊز ورتا ويا، 13 نامعلوم اڪائونٽس سامهون آيا، پر پي ٽي آءِ اُنهن اڪائونٽس بابت ٻڌائڻ ۾ ناڪام رهي، رڳو 8 اڪائونٽس قبوليا ويا، اسٽيٽ بئنڪ موجب اهي 13 اڪائونٽس پارٽي قيادت ۽ مئنيجمينٽ ٺاهيا هئا. اليڪشن ڪميشن موجب اڪائونٽس لڪائڻ آئيني ڀڃڪڙي آهي، پي ٽي آءِ کي 351 پرڏيهي ڪمپنيز کان فنڊز مليا، عارف نقوي جي ڪمپني ووٽن ڪرڪيٽ کان به منع ڪيل فنڊنگ ورتي وئي، پي ٽي آءِ کي آمريڪي شهري کان به فنڊز مليا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.