پيٽروليم اسمن جي وڪري ۾ جولاءِ دوران 26 سيڪڙو گهٽتائي

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي وڪري ۾ جاري مالي سال جي پهرين مهيني ۾ ساليانو بنيادن تي 26 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان انگن اکرن مطابق جولاءِ 2022ع ۾ ملڪ ۾ 1.44 ملين ٽن پيٽروليم مصنوعات جي وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو آهي جيڪو گذريل سال جولاءِ جي ڀيٽ ۾ 26 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل سال جولاءِ ۾ ملڪ ۾ 1.94 ملين ٽن پيٽروليم مصنوعات جي وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو هو، جون مهيني ۾ ملڪ ۾ 1.94 ملين ٽن پيٽروليم مصنوعات جي وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو.

اياز صادق وفاقي وزير جي عهدي جو حلف کڻي ورتو

اسلام آباد(م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سردار اياز صادق کان وفاقي وزير جي عهدي جو حلف ورتو. حلف برداري جي خصوصي تقريب اڱاري ڏينهن ايوان صدر ۾ ٿي. تقريب ۾ اهم سياسي شخصيتن شرڪت ڪئي.

هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد آفيسرن جو پروفائيل

راولپنڊي(م ڊ) شهيد ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي جو تعلق 79 لانگ ڪورس سان هو، هو پاڪستان آرمي جي سڪس آزاد ڪشمير رجمينٽ جو حصو هو، جڏهن موجوده آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا 10 ڪور ڪمانڊ ڪري رهيو هو، ان وقت ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي وٽ بريگيڊيئر طور ٽرپل ون جي ڪمان هئي، ان کانپوءِ هو آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ۾ ڊفينس اتاشي طور خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو، آمريڪا مان واپسي بعد هو اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جو ڪمانڊنٽ مقرر ٿيو جنهن بعد ملٽري انٽليجنس جي ڊي جي طور به ذميواريون ادا ڪيون، بعد ۾ هو ايف سي بلوچستان سائوٿ جو آءِ جي مقرر ٿيو، ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ملڻ بعد کيس ڪور ڪمانڊر 12 ڪور جنهن کي ڪوئيٽا ڪور به چيو ويندو آهي مقرر ڪيو ويو، ڊي جي ڪوسٽ گارڊ ميجر جنرل امجد حنيف ستي کي گذريل هفتي آرمي جي پروموشن بورڊ دوران ميجر جنرل جي رينڪ ۾ ترقي ٿي هئي، سندس تعلق راولاڪوٽ سان هو، هن سوڳوارن ۾ بيواهه، هڪ پٽ ۽ ٻه نياڻيون ڇڏيون، برگيڊيئر محمد خالد جو تعلق فيصل آباد سان هو، هن 1994ع ۾ 20 انجنيئر بٽالين ۾ ڪميشن حاصل ڪئي، هن سوڳوارن ۾ بيواهه، ٽي نياڻيون ۽ ٽي پٽ ڇڏيا، ميجر پائليٽ سعيد جو تعلق لاڙڪاڻي سان هو، هن بيواهه، هڪ ڌيءُ،هڪ پٽ سوڳوار ڇڏيو، ميجر طلحه  منان معاون پائليٽ بيواهه ۽ ٻه پٽن کي سوڳوار ڇڏيو، چيف نائيڪ مدثر فياض جو تعلق نارووال سان هو

 وڏي وزير پاران هيلي ڪاپٽر حادثي تي افسوس جو اظهار

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آرمي هيلي ڪاپٽر حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جوا ظهار ڪيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل تعزيتي پيغام ۾ وڏي وزير ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا سميت سڀني شهيدن جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي. وڏي وزير چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سنڌ حڪومت ۽ عوام شهيدن جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.