وزير اعظم جو آرمي چيف کي ٽيليفون، هيلي ڪاپٽر بابت معلومات ورتي

اسلام آباد(م ڊ) وزير اعظم شهباز شريف اڱاري تي آرمي چيف جنرل قمرجاويد باجوا کي ٽيليفون ڪئي ۽ آرمي ايوي ايشن جي گم ٿيڻ واري هيلي ڪاپٽر بابت تازي معلومات حاصل ڪئي. اڱاري تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان بابت وزيراعظم 12 ڪور جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي سميت آرمي جي 6 آفيسرن ۽ جوانن جي سلامتي بابت پنهنجي ڳڻتي ۽ فڪر جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي هڪ بهترين پروفيشنل ۽ نهايت سٺو ماڻهو آهي. وزيراعظم خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ وارا اهي فرض شناس پُٽ خدمت جي اعليٰ مثال بڻجي سامهون آيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.