شهيد پائليٽ ميجر سعيد تونيو جو باقراڻي سان تعلق

خير محمد آريجا (رپورٽ سيد عطا محمد شاهه ) بلوچستان جي لسبيلا ڀرسان پاڪ فوج جي هيليڪاپٽر سان ٿيل حادثي ۾ ٻين شهيدن سان گڏ هيليڪاپٽر جي پائليٽ ميجر سعيد احمد تونيو جو تعلق باقراڻي تعلقي جيڳوٺ سجاول تونيو سان آهي ميجر سعيد احمد تونيو جي شھيد ٿيڻ جي اطلاع تي سندس جي گهر ۾ قھرام متل آهي سندس جو تڏو اباڻي ڳوٺ واري گهر ۾ وڇايو ويو آهي، جتي سندس جا ڀائر عزيز مٽ مائٽ ۽ ڳوٺاڻا پهچڻ شروع ٿي ويا آهن وطن خاطر شھادتون ماڻيندڙ شھيد ميجر سعيد تنيو 2007 ۾ پاڪ آرمي ۾ بطور سيڪنڊ ليفٽيننٽ طور ڀرتي ٿيو ھو ـ سعيد تنيو ميجر طور ترقي ماڻڻ کانپوءِ ڪورس ڪري هيليڪاپٽر جي پائليٽ طور خدمتون سرانجام ڏيندو رهيوجڏهن ته شھيد ميجر سعيد تنيو جو وڏو ڀاءُ امير علي تونيو ايئرفورس ۾ ميجر آھي ميجر سعيد جي شادي 2010 ۾ ٿي، کيس هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ جو اولاد آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.