سنڌ ڪابينا پاران برسات جي تباهه ڪارين سبب ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ جي هدايت

ڪراچي(رپورٽر) صوبائي ڪابينا صوبي جي ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته انساني جانين جي نقصان، گهرن، فصلن جو نقصان، روڊن جو ڄار ۽ نيڪالي واري سسٽم جو ڪاٿو لڳائڻ شروع ڪيو وڃي ته جيئن متاثرن کي معاوضو ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطو ڪيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير مڪاني ادارن واري کاتي کي هدايت ڪئي ته ڪراچي ۽ ٻين ضلعن ۾ ٽٽل روڊن ۽ نيڪال واري لائينن جي مرمت ڪرائي وڃي. هن اهڙو فيصلو ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪابينا اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري، چيئرمين پي اينڊ ڊي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته تيز برساتن صوبي جي شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي. وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته کجيءَ جو فصل تيار ٿي چڪو آهي پر خيرپور ۾ تيز برساتن سبب هارين کي اربين رپين جو نقصان پهتو آهي. هن صوبي ۾ خريف جي فصلن کي نقصان جو معاملو پڻ اٿاريو. سنڌ ڪابينا جي سفارش تي سنڌ جي وڏي وزير صوبي جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي جاني نقصان، ڪچي ۽ پڪي گهرن، روڊن جي ڄار، نيڪال سسٽم سميت سمورن نقصانن جو جائزو وٺن ته جيئن معاوضي جي منظوري لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطو ڪجي. هن وڌيڪ چيو ته سندس حڪومت به پنهنجي وسيلن سان متاثر ماڻهن جي مدد ڪندي. ڪابينا 53 تعليمي ادارن کي هلائڻ لاءِ سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن جي سربراهي ۾ 7 رڪني مئنيجمينٽ بورڊ ٺاهڻ جي تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن ۾ 31 اسڪول ۽ 22 مدرسن کي ايف اي ٽي ايف جي شرطن تي پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي. تعليم واري وزير سردار شاهه ڪابينا کي ٻڌايو ته سندس کاتي سمورن تعليمي ادارن جي انتظامن جي نگراني لاءِ قدم کنيا آهن. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پيپلز بس سروس جي سمورن ستن روٽن جي روڊن ۽ نيڪال جو سسٽم مختلف هنڌن تي خراب آهي. هڪ نئين بس سروس شروع ڪئي وئي آهي مناسب رستن ۽ نيڪال جي نظام سان ان کي جاري رکڻ ۾ مدد ملندي. ڪابينا ڪي ايم سي، ڪي ڊي اي ۽ واٽر بورڊ ذريعي مرمتي ڪم لاءِ 1.5 ارب رپين جي منظوري ڏني. ڪابينا ڳوٺن جي سولرائيزيشن لاءِ متبادل توانائي جهڙوڪ سولر پي وي ٽيڪنالاجي فراهم ڪرڻ لاءِ توانائي کاتي جي تجويز جي منظوري ڏني. توانائي واري وزير امتياز شيخ ڪابينا کي ڄاڻ ڏيندي چيو ته ڳوٺن کي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ مني/مائڪرو گرڊ، سولر هوم سسٽم لڳايو ويندو. اطلاعات واري وزير ڪابينا کي ٻڌايو ته حيدرآباد پريس ڪلب کي 75 ايڪڙ زمين ڏني وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪلب جي اداري سي وي ٽي، رجسٽريشن فيس ۽ ٻين ٽيڪسن کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي آهي. ان تي روينيو واري وزير مخدوم محبوب چيو ته ڇوٽ بابت ڪابه گرانٽ ناهي. هن تجويز ڏني ته ڪابينا پريس ڪلب کي پنهنجو ٽيڪس ادا ڪرڻ لاءِ گرانٽ ڏئي، جنهن جي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (فنڪشنز) رولز 2022 جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جي جعلي نمبر پليٽن سان روڊن تي هلندڙ گاڏين جو سخت نوٽيس ورتو ۽ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي کي هدايت ڪئي ته اهڙين گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو وڃي. کاتو اهڙين گاڏين کي ضبط ڪري گاڏين جي مالڪن خلاف سخت ڪارروائي ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.