پي ٽي آءِ جي رجسٽريشن رد ڪئي وڃي: نثار کهڙو

ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان پيپلزپارٽي فارين فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان پاران اليڪشن ڪميشن ۾ ڪوڙو حلف نامو داخل ڪرائڻ تي عمران خان سميت پوري پي ٽي آءِ کي نااهل قرار ڏئي پي ٽي آءِ جي رجسٽريشن رد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو مطالبو پ پ سنڌ جي صدر نثاراحمد کهڙو پاران اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ ردي عمل ڏيندي ڪيو، نثار کهڙو چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فارين فنڊنگ ڪيس جي فيصلي کانپوءِ عمران خان صادق، امين نه رهيو آهي. ان لاءِ عمران خان تي آرٽيڪل 62، 63 لاڳو ڪري کيس تاحيات نااهل ڪيو وڃي، هن چيو ته عمران خان جي صادق، امين نه رهڻ جا ثبوت اچڻ کانپوءِ هو پي ٽي آءِ چيئرمين جي عهدي تي رهڻ جو به جواز وڃائي چڪو آهي، ان لاءِ جيڪو شخص صادق، امين نه هجي اهو پي ٽي آءِ ته ڇا ڪنهن ٻي پارٽي جو به سربراهه رهي نه ٿو سگهي،

سڀ اين آراو طرف وڃو يا پنهنجو نقصان ڪيو: عرفان قادر

اسلام آباد( م ڊ) اڳوڻي اٽارني جنرل ۽ قانوني ماهر عرفان قادر چيو آهي ته پارٽي فنڊنگ  ڪيس بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو سنجيدهه آهي، سڀ پارٽيون گڏجي قانونسازي ڪن. ميڊيا سان ڳالهائيندي عرفان قادر چيو ته سڀ اين آراو طرف وڃو يا پنهنجو نقصان ڪيو. عرفان قادر چيو ته عمران لاءِ قانون سازي جو  موقعو هو، پر هن سڄي ملڪ تي حڪومت ڪرڻ چاهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.