فيصلو چئلينج ڪرڻ جو اعلان، پ پ ۽ نواز ليگ جِي پرڏيهي فنڊنگ بابت رپورٽ ڪٿي آهي :پي ٽي آءِ

اسلام آباد( م ڊ) پي ٽي آءِ  ليڪشن ڪميشن جَي فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. عمران خان جِي سربراهيءَ ۾ اجلاس بعد پريس ڪانفرنس دوران اسد عمر چيو آهي ته ڪيترن ئي سالن کان هلندڙ ڊرامي جِي تازي قسط جاري ٿي. اليڪشن ڪميشن رڳو پي ٽي آءِ خلاف فيصلو ڏئي سُپريم ڪورٽ جَي فيصلي جِي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، عوام پُڇڻ چاهي ٿي ته پ پ ۽ نواز ليگ جِي پرڏيهي فنڊنگ بابت رپورٽ ڪٿي آهي؟  اليڪشن ڪميشن پنهنجو مينڊيٽ ۽ اختيار اورانگهي فيصلو ڏنو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته  پي ٽي آءِ جي فتح ٿي آهي، حڪومت کي منهن ڀر ڪِرڻو پيو، پي ٽي آءِ تي پابندي جِي خواهش پوري نه ٿيندي، عدالت ۾ سمورن سوالن جو جواب ڏينداسين. فواد چوڌري چيو ته عمران خان کي فنڊز ۽ اڪائونٽس جِي ڪهڙي خبر؟ اڪائونٽنٽ چيو سڀ ٺيڪ آهي ته عمران خان اعتماد ڪندي صحيحون ڪيون، پي ٽي آءِ کي اها فنڊنگ سمنڊ پار پاڪستانين ڏني هئي، اڳتي به فنڊنگ لاءِ سمنڊ پار پاڪستانين تي ڀاڙينداسين، هاڻي ٻين پارٽين خلاف ڪيسن جو به فيصلو اچڻ گهرجي.  فواد چوڌري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي ڪيس تي فيصلو ڪري ورتو، هاڻي ٻين پارٽن بابت پڻ فيصلو ڪري وٺي. اسان ٻڌائينداسين ته 16 اڪائونٽ به قانوني آهن.ھن چيو ته اليڪشن ڪميشن به چيو آهي ته پرڏيهي فنڊنگ ناهي ٿي. اسان شوڪاز نوٽيس تي جواب جمع ڪرائينداسين، پي ٽي آءِ تي پابندي جون ڳالهيون ڪندڙ مايوس ٿيا آهن.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.