ميرپورخاص: دوستن سان گڏ گهران نڪتل نوجوان بيدرديءَ سان قتل، ڌرڻو، ڪاروباربند

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي علائقي پاڪ ڪالوني جي رهواسي 17 ورهين جي نوجوان حمزه پٽ صديق ميئو جو تشدد ٿيل ۽ ڳلو ڪپيل لاش ميرپورخاص لڳ 78 موري جمڙائو ڪئنال مان هٿ آيو آهي دوستن سان گڏ رات جو گھران نڪتل نوجوان جي لاش ملڻ جي اطلاع تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو، پوليس لاش جي سڃاڻ ٿيڻ بعد نوجوان جي لاش جو سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، بيدردي سان ڳلو ڪپي قتل ڪيل نوجوان جي لاش گھر پهچڻ تي پوري علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول پيدا ٿي ويو ۽ علائقي جون دڪانون سوڳ ۾ بند ٿي ويون، نوجوان کي بيدردي سان ڳلو ڪپي قتل ڪرڻ بعد لاش 78 موري جمڙائو ۾ اڇلائڻ واري واقعي خلاف قتل ٿي ويل نوجوان جي وارثن پاران پراڻي کپرو بس اسٽينڊ لڳ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيوجنهن جي نتيجي ۾ روڊ تي ٽريفڪ معطل ٿي ويئي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون مظاهرو ڪندڙن نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪئي اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هند پهچي وارثن کي قاتلن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو، وارثن موجب نوجوان حمزه 2 آگسٽ جي رات جو گھران دوستن وٽ وڃڻ جو چئي نڪتو جنهن بعد گھر واپس نه آيو ذريعن موجب پوليس نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جاچ شروع ڪندي نوجوان جي ڪجھ دوستن کي جاچ ۾ شامل ڪندي پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڏني آهي پر پوليس ڪنهن به گرفتاري جي تصديق ۽ ترديد نه نه ڪري رهي آهي. پوليس موجب ظاهري طور نوجوان کي ڪنهن دشمني جي بنا تي ڳلو ڪپي بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد لاش کي 78 موري جمڙائو ڪئنال ۾ اڇلايو ويو آهي رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ميرپورخاص اسد علي چوڌري چيو ته نوجوان جي قتل جي جاچ لاءِ ڊي ايس پي سٽي جي سربراهي ۾ ٽيم جوڙي ويئي آي جنهن ۾ تعلقه ٿاڻي جو ايس ايڇ او بدرالدين ٻرڙو، غريب آباد ٿاڻي جو ايس ايڇ او امتيازجوڻيجو ۽ ڊي آءِ سي انچارج غلام حسين سڌايو شامل آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.