علي وزير جي ضمانت درخواست، اسٽينو ٽائيپسٽ غير حاضر

ڪراچي ( رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ميمبر قومي اسيمبلي علي وزير جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت جو اسٽينو ٽائيپسٽ غير حاضر رهيو.اسٽينو ٽائيپسٽ جي غير حاضري سبب ضمانت واري درخواست تي عمل نه ٿي سگهيو، علي وزير خلاف بوٽ بيسن ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهي. عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 4 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، علي وزير خلاف سهراب گوث ٿاڻي ۾ ڪيس جي به ٻڌڻي ٿي، علي وزير جي وڪيل قادر خان دليل ڏنا. علي وزير جو وڪيل وڌيڪ دليل جاري رکندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.