اين ڊي ايم اي بلوچستان ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي راشن فراهم ڪري ڇڏيو: ترجمان

ڪوئيٽا(م ڊ) نيشنل ڊزاسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي طرفان بلوچستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي راشن فراهم ڪيو ويو. اين ڊي ايم اي ترجمان مطابق بلوچستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ هنگامي امداد جي طور تي ڪنگ سلمان هيومنٽيرين ايڊ اينڊ رليف سينٽر پاڪستان طرفان هڪ هزار راشن بيگز اين ڊي ايم اي ذريعي پنج ضلعن ۾ پهچايا ويا آهن. امدادي راشن جعفرآباد، نصيرآباد، صحبت پور، سبي ۽ ڪچي جي ڊپٽي ڪمشنرز جي حوالي ڪيو ويو، راشن ۾ اٽو، دال، کنڊ ۽ گيهه شامل آهن. واضح رهي ته ان سلسلي جي پهرين کيپ 15 جولاءِ تي بلوچستان روانو ڪئي وئي هئي. جنهن ۾ 3000 راشن بيگز شامل هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.