سنڌ جي سونهن ڪارونجهر کي مختلف حصن ۾ ورهائي کوٽائي ڪرڻ جي رٿا تيار

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) سنڌ حڪومت ڪارونجهر کي مختلف حصن ۾ ورهائي ڏيڍ لک ايڪڙن تي کوٽائي ڪري پٿر ڪڍي ناڻو ڪمائڻ جو منصوبو جوڙي ورتو آهي،اُنهي سلسلي ۾ گذريل ڏينهن معدنيات واري صوبائي وزير شبير بجاراڻي پاران ڪارونجهر کي مختلف حصن ۾ ورهائي ڏيڍ لک ايڪڙ زمين تي کوٽائي ڪري ناڻو ڪمائڻ واري بيان کي ٿر جي ساڃاھ وندن رد ڪري ڇڏيو آهي،ٿر واسين ڪارونجهر جي درجابندي ڪري ورهائڻ واري عمل جي سخت مخالفت ڪندي جبل جي هر پٿر کي تاريخي ۽ ثقافتي وارثو قرار ڏئي ڇڏيو آهي،اُنهي سلسلي ۾ عوامي تحريڪ ٿرپارڪر جي اڳواڻ اوڀايو جوڻيجو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪارونجهر کي ڪٽائي ڪري پٿر کڻڻ لاءِ سرگرميون شروع ڪيون پيون وڃن،سنڌ حڪومت سميت سموريون ڌُريون ڪارونجهر کي ڪاروباري اک سان ڏسي رهيون آهن،اسان سخت مزاحت ڪنداسين،جبل تي کوٽائي ڪنهن به صورت ۾ ڪرڻ نه ڏبي،ايڊووڪيٽ فقير منور ساگر عوامي آواز جي رابطي تي ٻُڌايو ته ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏيارڻ بابت اسان جي سنڌهاءِڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ٿيل آهي،جسٽس صلاح الدين پنهور جي ڪورٽ ۾ ڪيس هلندڙ آهي،اسان ڪارونجهر کي ورلڊ هيريٽيج ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ۾ آهيون،اگر سنڌ حڪومت اهڙو فيصلو ڪيو ته اُهو توهين عدالت هوندو،قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي آرگنائيزر وڪيل شاهنواز هنگورجو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪارونجهر جبل سنڌ جي سونهن آهي،جنهن کي ڪاروباري اک سان ڏسندڙن جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين،ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏنو وڃي،سنڌ حڪومت هاڻي رهيل ڪارونجهر جبل کي به وڪڻڻ چاهي ٿي،اسان پنهنجن وسيلن جي مالڪي ڪرڻ ڄاڻون ٿا.

ناڻو ڪمائڻ بهاني زمين تي قبضن جي رٿابندي

مٺي:ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪري ناڻو ڪمائڻ جي بهاني خالي ٿيندڙ زمين تي قبضا ڪرڻ جي پلاننگ جو انڪشاف سامهون آيو آهي،اهم ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته حڪومت سان لاڳاپيل اهم شخصيتون ڪارونجهر جي ڪجھ حصي وکريل پٿر وارن علائقن تان ڪٽائي ڪري زمينون ڪليئر ڪرڻ بعد اُتي قبضا ڪري ٻنيون آباد ڪرڻ چاهين ٿيون،جيڪي پٿر ڪڍي کڻي علائقا ميداني صورت ۾ صاف ڪرڻ لاءِ ليزون حاصل ڪرڻ ۾ رڌل آهن

ڪارونجهر جبل جي 28 ڪلوميٽرن تائين پکيڙ

مٺي:ڪارونجهر 28 ڪلوميٽرن تي پکيڙ رکي ٿو،جبل تان 10 نديون لهن ٿيون،جن ۾ گورڌڙو ندي،ڀٽاڻي سميت ٻيون نديون شامل آهن،ڪارونجهر تان لهندڙ پاڻي اُنهن ندين مان ٿيندي اڳتي ڊيمن ۾ وڃڻ سميت اڳتي نڪري ٿو،جبل تان هلندڙ چشمن جو پاڻي ڊيمن ۾ جمع ٿيڻ سميت گهڻي مقدار ۾ ضايع ٿي وڃي ٿو،جبل سمنڊ جي سطح کان 1100 سئو فوٽ اونچائي رکي ٿو،ٺهيل ڊيم غلط لوڪيشن تي هجڻ ڪري جبل تان لهندڙ سمورو پاڻي رڻ ڪڇ ۾ ضايع ٿي وڃي ٿو،

ڪارونجهر تي قبضا ڪرڻ مشڪل بڻيل

مٺي:ڪارونجهر جي وکريل پٿرن سبب علائقن تي قبضا ڪرڻ مشڪل بڻيل،ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته جبل جي مائننگ ڪرڻ بعد خالي ٿيندڙ زمين تي بااثر ڌريون قبضا ڪنديون ۽ علائقي جي سونهن ختم ٿي ويندي،ڪارونجهر جي ڊگهي پکيڙ هجڻ ڪري ننگرپارڪر جو شهر ۽ آسپاس جي زمين قبضن کان محفوظ رهي ٿي،جبل جي ڪنهن به هڪ حصي تي کوٽائي ڪرڻ بعد زمين خالي ڪري اُتي قبضو ڪرڻ جي پلاننگ رُٿيل ٻُڌائي وڃي ٿي،هن وقت تي جبل محفوظ هجڻ ڪري زمينن تي قبضي ڪرڻ ڪٿي گنجائش بچيل ناهي،

ڪارونجهر تي سياحت ذريعي ڪروڙين رپيا ڪمائي سگهجن ٿا

مٺي:ڪارونجهر جبل کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏئي سياحت کي هٿي وٺرائڻ بعد ڪروڙين روپيا ڪمائي سگهجن ٿا،ڪارونجهر جبل کي ڪٽڻ بدران جبل جا وکريل پٿر ڪٽي روزگار ڪمائڻ جي بجاءِ سڄي ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏئي سياحت کي هٿي ڏياري ڪروڙين روپيا ڪمائي سگهجن ٿا ۽ روزگار جا ذريعا پيدا ڪري سگهجن ٿا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.