ڪراچي ۾ ندين، واهن سوڏو پاڻي جي لنگهن تي والار رهواسين لاءِ عذاب بڻيل

سرجاڻي ٽائون/ گلشن اقبال ( ن ع آ) ڪراچي شهر ، ان جي ٻهراڙين توڙي ڀرپاسي منجهان لنگهندڙ تاريخي ندين لياري، ملير ، سڪڻ ء  واهڙن ، ڪسين ٿڌو، اورانگهي عرف اورنگي ، ڳجهڙو عرف گجر ، لنگهيجي ، لٺ ڪرمتاڻي ، مهير ، مول سميت  پاڻيء جي ٻين سمورن  لنگهن توڙي ڍورن مٿان ٿيندڙ والارن سبب ، عام توڙي طوفاني مينهن سان گڏ ، سنڌ توڙي  بلوچستان جي جبلن کان وهي ايندڙ مينهوڳيء جي پاڻيء سبب هتان  جي رهاڪن جي زندگين ء ملڪيتن کي رسندڙ جوکي کان بچاء خاطر اهي والارون ختم ڪرڻ توڙي اهڙين والارن کي سدائين ڪاڻ ٻنجو ڏيڻ خاطر ، نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽيء جي مرڪزي صدر ممتاز بروهيء پاران  داخل ڪرايل هڪ آئيني پثيشن جي ٻڌڻي 2آگسٽ 2022ع تي ، سنڌ هاء ڪورٽ جي مسٽر جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ مسٽر جسٽس يوسف علي سعيد تي  ٻڌل ڊويزنل بنچ آڏو ٿي . جڏهن ته پٽيشنر اين ڊي پي صدر ممتاز بروهي ڪنهن به وڪيل کان سواء ، ان پرسن يا ذاتي طور  ڪيس هلائڻ خاطر ٻڌڻيء وقت بنچ آڏو پيش ٿيو .ڪافي بحث مباحثي ء سوالن جوابن  کان پوء عدالت پاران ايندڙ ٻڌڻيء جي تاريخ 23 آگسٽ ڏئي ، ڪيس جي ٻڌڻ لاء  پٽيشنر ممتاز بروهيء کي ڪيس متعلق ھر ڏس ۾ مڪمل تياري ڪري اچڻ  جو چيو ويو.ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اين ڊي پي صدر ممتاز بروهيء چيو ته اسان پنهنجي وطن سنڌ ڌرتيء جي تختگاه ، ڪراچي شهر جي رهواسين جي جانين ، مال ء ملڪيتن کي تحفظ ڏيارڻ  احترام لائق سنڌ هاء ڪورٽ جو در کڙڪايو آهي ، اسان کي اميد آهي ته عدالت سڳوري اسان جي  ڳالھ کي سمجهندي ء اسان پنهنجو گهربل مقصد ماڻينداسين .

  • گمبٽ ۾ گرمي ۽ ٻوسٽ سبب گيسٽرو ۾ واڌ، 20 مريض اسپتال داخل

گمبٽ (ن ع آ)گمبٽ ۾ سخت گرمي ۽ ٻوسٽ سبب گيسٽرو ۾ واڌ , 20 کان وڌيڪ مريض اسپتال داخل, علاج هلندڙ آهي . تفصيل موجب: گمبٽ ۽ آسپاس جي علائقن ۾ سخت گرمي ۽ ٻوسٽ سبب گيسٽرو ۾ واڌ ٿي آهي, 20 کان وڌيڪ مريض گمس سٽي اسپتال جي ٽراما سينٽر داخل ڪيا ويا آهن. گيسٽرو مريضن ۾ عورتون ٻارڙا نوجوان پڪا توڙي پوڙها مسمات ساريه خاتون, مسمات اسمه, مسمات غلام سڪينا, بيبي انسا, فرحان علي, بلاول ڦل, محمد سچل, مسمات شريفه خاتون, مسمات شهنيلا خاتون ۽ ٻيا شامل آهن جن کي علاج ڏنو پيو وڃي. هوڏانهن ڊيوٽي ڊاڪٽر ٻڌايو ته سخت گرمي سبب گيسٽرو ۾ واڌ ٿي آهي.  هر ماڻهو کي گهرجي ته گرم شين کان پرهيز ڪن ۽ ٿڌين شين جو استعمال ڪري پاڻ کي گيسٽرو جي وبا کان بچائي سگهن ٿا.

  • خانپور مهر مان اڳوڻي ضلعي چيئرمين جي هدايتن تي پاڻي ڪڍيوويو

خانپورمهر ( ن ع آ ) جي ڊي اي ايم پي اي خانڳڙھ  سردار علي گوھر خان مھر ۽ اڳوڻي ضلعي چيئرمين سردار حاجي خان مھر جي خاص ھدايت تي يوسي علي مھر جي تازو چونڊيل  چيئرمين سيد زوھيب علي شاھ ۽  سيڪريٽري قاضي سڪندر ۽ واڊ 3 جي ڪائونسلر مير زمان پتافي، ڊاڪٽر ميھار علي پتافي، علي نواز پتافي، عمران علي پتافي، آزاد علي پتافي ۽ ڳوٺ جي ٻين ماڻھن جي نگراني ۾  ڳوٺ حاجي محمد پتافي ۾  برساتن جي تمام گھڻي تعداد ۾ جمع ٿيل پاڻي کي نيڪال لاءِ ايڪسيويٽر جي ذريعي برسات جو پاڻي نيڪال ڪرايو، لڳاتار صبح کان شام تائين ايڪسيويٽر تي واٽر کوٽرائي پاڻي نيڪال  جو بندوبست ڪيو ويو، ان بھترين عمل تي  ڳوٺ حاجي محمد بتافي نزد قاضي واھ جي  رھواسين   علي گوھر خان مھر  ۽ حاجي خان مھر جو شڪريو ادا ڪيو.

  • خيرپور ۾ برسات سٽيل علائقن ۾ امداد تقسيم

خيرپور (س ر) پيپلز پارٽي جي صوبائي اڳواڻ شهزاد شاهه جيلاني ، پ پ  ليڊيز ونگ اڳواڻ ميڊم حنا شاهه پنهنجي رضاڪار ٽيم سان گڏجي خيرپور ۽ ڪوٽڏيجي جي برسات سٽيل علائقن جو دورو ڪري متاثرين ۾ مڇردانيون ، کاڌ خوراڪ جو سامان ۽ روڪ رقم تقسيم ڪئي ، ان موقعي تي شهزاد شاهه جيلاني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چوماسي برساتن جي پاڻي ۽ سمال ڊيم ٽٽڻ سبب سوين ڳوٺ ۽ لکين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ آهي ، هنن علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، هن چيو ته  متاثر علائقن ۽ رهواسين جي حالت تمام خراب آهي هي وقت سياست جو نه پر خدمت جو آهي ، هن چيو ته ذاتي حيثيت ۾ متاثرين جي مالي سهائتا ڪئي آهي ۽ ڪندو رهندس ، جڏهن ته متاثرين بابت تفصيلي رپورٽ ضلع انتطاميه ۽ پارٽي قيادت کي اماڻي ويندي ۽ متاثرين جي مدد لاءِ کين گذارش ڪندس ، ان موقعي تي پ پ  ليڊيز ونگ اڳواڻ حنا شاهه جيلاني ، ميڊيا ڪوارڊينيٽر ايڊووڪيٽ شهزور خان ، ميڊم زبيده نوناري ، فدا حسين چنا ، زبير دل ، احسان ڌاريجو ، منير ڀنڀرو ، احمد موريجو ، صحافي شاهد نواز سيال ، عامر لاشاري ۽ ٻيا موجود هئا.

  • ميرپورساڪري جي ڳوٺن مان پاڻي نيڪال لاءِ ڪوششون تيز

ٺٽو(ڊر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي PS 79 ميرپور ساڪرو ڄام اويس بجار جوکيو جي خاص هدايتن تي سندس ڀاءُ نوجوان پ پ پ اڳواڻ ڄام احسان جوکيو پاران يونين ڪائونسل چوبندي جي مختلف ڳوٺن ڳوٺ حاجي عبدالڪريم لاشاري، بابو ملاح، نورمحمد بڪيرو، حاجي بالو احمداڻي، غلام قادر ملڪاڻي، ارباب عبدالهادي بڪيرو، ڏاڙهون بڪيرو، محمد خان ملڪاڻي سميت ديھ رامڏيھ جي ڳوٺن مان برساتي پاڻي  نيڪالي لاءِ سم نالين، ڳوٺن جي ڇنڊڻن جي کانٽي جو ڪم ڳرين مشينن ذريعي تيزي سان شروع ڪرايو ويو آھي، ان موقعي تي ڄام احسان جوکيو چيو تہ پ پ پ ايم پي اي ڄام اويس بجار جوکيو کي پنھنجي تڪ جي عوام عزيز آھي، جيڪو کين تڪليفن ۾ ڏسڻ نٿو چاھي، ان جي خاص ھدايتن تي ڳرين مشين ذريعي سم نالن ۽ ڇنڊڻن جي کانٽي ۽ صفائي وارو عمل تيزي سان جاري ڪرايو ويو اھي، جنھن سان گھڻي قدر برساتي پاڻي نيڪال ٿي ويو آھي، ان موقعي تي تي مقامي ڳوٺاڻن يار محمد لاشاري، وڏيرو خدابخش ملاح، غلام قادر ملڪاڻي، ارباب اصغر بڪيرو، سبز علي ملڪاڻي، حاجي بالو احمداڻي، ڏاڙھون بڪيرو، نور محمد بڪيرو ۽ ٻين پاران ايم پي اي ڄام اويس بجار جوکيو ۽ ڄام احسان جوکيو جو شڪريو ادا ڪيو ويو، ان موقعي تي بشير احمد جوکيو، سلطان احمد ملاح ۽ ٻيا پڻ ڄام احسان جوکيو سان گڏ ھئا.

  • ملير جي مجيد ڪالوني مسئلن جو شڪار، گندو پاڻي بيٺل

ملير (ڊ.ر) برسات سبب مجيد ڪالوني مسئلن جو شڪار، سيوريج سسٽم بهتر نه هئڻ سبب روڊ، رستا، پارڪ ۽ گهٽيون پاڻي هيٺ، هڪ  مهينو گذرڻ باوجود واٽر بورڊ انتظاميا ۽ ڊي ايم سي ملير انتظاميا پاڻي نيڪال نه ڪري سگهي، علائقي واسي سراپا احتجاج بڻيل، انتظاميا کي بار بار فون ڪرڻ باوجود ڪابه مدد نه پئي ڪئي وڃي، علائقي واسي، خبر موجب برسات سبب مجيد ڪالوني ۾ سيوريج سسٽم ناڪارا هئڻ سبب روڊ، رستا، پارڪ ۽ گهٽيون پاڻي هيٺ اچي ويا، هڪ مهينو گذرڻ باوجود ڊي ايم سي ملير انتظاميا پاڻي نيڪال نه ڪري سگهي، جنهن سبب علائقي واسي سراپا احتجاج بڻيل، ان سلسلي ۾ مسلم ليگ ن ضلعي ملير جي صدر محمد فيروز خان ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته برسات کانپوءِ گٽرن جو گندو پاڻي روڊن، رستن، پارڪ ۽ گهٽين ۾ بيٺل آهي، جنهن سبب علائقي واسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته ڊي ايم سي ملير ۽ واٽر بورڊ انتظاميا کي بار بار فون ڪري مدد لاءِ چيو آهي پر علائقي ۾ بيٺل پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪابه مدد نه پئي ڪئي وڃي، گٽرن سيوريج جي گندي پاڻي سبب علائقو تلاءُ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي جنهن سبب وبائي بيماريون ڦهلجي رهيون آهن، هن چيو ته ضلعي اتنظاميا سميت لاڳاپيل ادارن کي اپيل ٿا ڪيون ته علائقي ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرڻ سان گڏ سيوريج سسٽم بهتر ڪيو وڃي ته جيئن عوام جو مشڪلاتون گهٽجي سگهن، ٻئي صورت ۾ مسئلا حل نه ٿيا ته عوام سان گڏ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو ڏنو ويندو.

  • چوهڙ جمالي جي ڳوٺن  کي برساتي پاڻيءَ جو گهيرو، لنگهه بند،متاثر سراپا احتجاج

چوهڙ جمالي (ن ع آ) چوهڙ جمالي جي ڳوٺان مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، سرفراز شيخ، محمد داد، حسين ڪونجائي، رمضان شيخ، جمن سوڍائي ۽ خميسو رٽو سميت ڪيترائي ڳوٺ اڃا تائين برسات جي پاڻي جي گهيري هيٺ آھن، جنهن ڪري ڳوٺاڻن جي اچ وڃ جا سمورا گس بند ٿي ويا آھن، کين تمام گهڻين پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آھي. ان سلسلي ۾ ڳوٺ سرفراز شيخ جي رهواسين محمد اصغر شيخ، شڪيل احمد شيخ، جميل شيخ، شوڪت شيخ، نياز شيخ، ممتاز علي شيخ، فاروق شيخ، شمشاد شيخ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺ کي چوڌاري برسات جو پاڻي گهيري ويو آھي، اسان جا گس بند ٿي ويا آھن، جنهن ڪري تمام گهڻو پريشان آھيون، اسان کي امداد نه کپي صرف اسان جي ڳوٺ مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪرائي اسان جا گس پنڌ آجا ڪيا وڃن.

  • خيرپور ۾پ پ اڳواڻن طرفان ڳوٺن جو دورو

خيرپور ( س ر ) خيرپور تعلقي جي يونين ڪائونسل گجو جي چيئرمين مبين احمد سمنگ ۽ ايم اين اي نفيسه شاهه جيلاني گڏجي يوسي جي مختلف ڳوٺن رائنه ، ڦاٽ، سمنگ چنه، ڳوٺ گجو ڦلپوٽو، واري ڳوٺ، عمراڻي ڳوٺ، عثمان ڀيو ڳوٺ سميت ٻين علائقن جو دورو ڪيو ،ان موقعي تي نفيسه شاهه کي ميبن سمنگ پاران برسات سٽيل علائقن ۾ ٿيل نقصانن کان آگاهه ڪيو ويو، برسات سبب غريبن جي ڪريل گهرن ها تفصيل گڏ ڪيا ويا، خصوصي طور يوسي گجي ۾ کجين جي آبادگارن جي ٿيل نقصان جو پڻ جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي ايم اين اي سيده نفيسه شاهه جيلاني يوسي گجو جي عوام کي يقين ڏياريو ته  برسات ۾ ٿيل نقصانن جو سرڪاري سطح تي ازالو ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي، هن يوسي جي عوام کي اپيل ڪئي ته ٿيل نقصانن بابت يوسي چيئرمين ۽ چونڊيل نمائندن سان شيئر ڪيا وڃن ته جيئن انهن جي مدد ڪري سگهجي.

  • بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾جاز طرفان مفت  ڪال جي سهولت

اسلام آباد ( پ ر ) ٽيلي ڪام شعبي بلوچستان ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ جي پيش نظر صارفين جي سهوليت جي لاءِ  امدادي  سرگرمين جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي ، ان حوالي سان صوبي ۾ ٻو ڏ متاثر  علائقن ۾ جاز ايندڙ ست  ڏينهن  تائين  پنهنجي صارفين مفت آن نيٽ ( ان  نيٽ ورڪ تي ) ۽ پي ٽي سي ايل ڪالون  ڏئي رهيو آهي ڪا ل ڪنيڪشن تي ڪابه  ڪال سيٽ اپ چارجز لاڳو نه هوندي ۽ بيلنس نه هجڻ جي صورت ۾صارفين  آن نيٽ ڪال ڪري سگهندا  پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن اٿارٽي  ( پي ٽي اي هن مشڪل گهڙي ۾ بلوچستان جي متاثر ٿيل عوام سان گڏ آهي.

  • سامارو ڀرسان ٻارڙو برساتي پاڻي جي دٻي ۾ ٻڏي فوت

سامارو (ن ع آ) سامارو جي 14 ديهھ ھيرل جي ڳوٺ محمد صديق نقرج ۾گهر ٻاهران راندکيڏڻ دوران پير ترڪڻ سبب 2 ورهين جو ٻارڙو عبدالرحيم پٽ ميرحسن شر برساتي پاڻي جي دٻي ۾ ڪري ٻڏي ويو، جنهن کي پاڻي مان ڪڍي مائٽن اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ٻار جو لاش گھر پھچڻ تي ڳوٺ ۾ڪھرام مچي ويو.

  • چمبڙ لڳ وسڪاري بعد گهر جي ڀت ڪري پئي، عورت فوت

چمبڙ( ن ع آ) چمبڙ ۾ٿيل تازي وسڪاري بعد گھر جي ڀت ڪرڻ سبب 6 ٻارڙن ماء ڌٻجي فوت ٿي وئي آھي ان ڏس م چمبڙ جي ڳوٺ نصير خان منڌواڻي ۾ گھر جي ڀت ڪرڻ سبب 35 ورھين جیئان زال گلاب ڀيل ڌٻجي فوت ٿي وۂي وارث فوتي عورت جو مڙھ چمبڙ اسپتال آندو  جتي ڊاڪٽرن پاران عورت  فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي  ٻڌايو پيو وڃي فوتي عورت گھر اندر رڌ پچا ڪري رھئي تہ اوچتو ڌماڪي سان گھر جي ڀت مٿان ڪري پئي جنھن سبب عورت ڌٻجي فوت ٿي وئي .

  • راضيديرو جي ڪچي واري علائقي ۾ سنڌو درياءَ ۾ چاڙھه سبب ننڍي ٻوڏ برقرار

راضيديرو (ن ع آ) راضيديرو جي ڪچي واري علائقي ۾  سنڌو درياء ۾ چاڙھ سبب  ننڍي ٻوڏ برقرار ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ علي نواز سيال عثمان ناريجو  علي داد سيال محمد پناه ڊرگهه رانجو ڪلهوڙو ۽ ٻيا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا  هزارين ايڪڙن جا فصل تيار ٿيل ووهڻڻ تر جوئر  ڪمند به پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا حڪومت پاران ڪابه امدادي ڪاروائي ناھي ڪئي وئي.

  • پني عاقل شهر ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ڪنٽرول نه ٿيو،  ٻارڙو فوت

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ ) پنوعاقل شهر ۽ ڀرپاسي  جي علائقن۾ گيسٽرو ۽ ڪالرا وبائي  صورت اختيار ڪري وئي،  ھڪ ڏينھن ۾  35 کان وڏيڪ مريض گيسٽرو ۽ ڪالرا ۾ مبتلا ٿي ويا، ھڪ ٻارڙو ڪالرا وبا ۾ فوت. خبر موجب پنوعاقل شھر توڙي ٻھراڙي ۾ ڊائريا ۽ڪالرا جھڙي خطرناڪ بيماري تي ضابطو نه آيو، روزانو جي بنياد تي تعلقه اسپتال ۽ پرائيويٽ اسپتال۾ درجنين مريض اچڻ لڳا جڏهن ته ڪالرا جي بيماري سبب ھڪ 12 سالن جو ٻارڙو دائم علي فوت ٿي ويو، جڏھن ته 25 معصوم ٻارڙا، 5 عورتن سميت 5 مرد گيسٽرو ۾ وٺجي ويا ،ڊاڪٽر جو چوڻ آھي ته شھر توڙي ڀرپاسي جي علائقن مان 8 ڪلاڪن اندر 50 کان وڏيڪ ڊائريا وبا ۾ وڪوڙيل مريض اچن ٿا جن جو اسان علاج ڪري ٺيڪ ڪيون ٺا ڊاڪٽرن اھو به  چيو ته اسان وٽ ايندڙ مريضن کي انهن مان ڪجھه کي ڊائريا ۽ ڪالرا جي  بيماري  جون علامتون آهن  ۽ ٻئي پاسي مريض جو چوڻ هو ته اسپتال ۾ سهولتون ميسر ناهن، صحت کاتي کي سنجيدگي وٺڻ گھرجي۽ فوري طور قدم کڻي شھر توڙي  ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪيمپون قائم ڪرڻ گھرجن.

  • محرابپور  ۾ برسات  بعد انتظاميا جي نااهلي، گندگي، پاڻي بيهجي ويو ، مظاهرا

محرابپور (ن ع آ ) ضلعي نوشھروفيروز جي وڏي آبادي ۽ ڪاروباري شھر محرابپور انتظاميه جي نااهلي سبب گندگي جي لپيٽ ۾اچي ويو شھر جا اهم روڊ رستا  برساتن ۽ گٽرن نالين جي گندي پاڻي هيٺ  تلاءَ  جو ڏيک ڏئي رهيا آھن ۽ رهائشي علائقا ٺري روڊ، سيال آباد روڊ، ڪوٽڙي روڊ،شاهي بازار، ڪلاٿ مارڪيٽ، نيو ٽائون، بلاول ڪالوني، ڳوٺ خدابخش شاھ ، پير شير شاھ پاڙو تعليمي ادارا اسڪول امام بارگاھون ماتمي روٽ پڻ مڪمل گندگي گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آھن، جنهن سبب پيادل هلڻ به مشڪل بڻجي ويو شھرين علائقي واسين عزادارن کي سخت تڪليف پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آھي ۽ ڪاروباري سرگرميون پڻ سخت متاثر ٿي ويون آھن پر افسوس جو ضلعي تعلقي توڙي ٽائون انتظاميه محرابپور شھرين کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام بڻيل آھي مختلف سڄاڻ ڌرين عزادارن علائقي واسين اختر نوناري مير ڏاڏو ولايت نوناري احمد شر حجي گل حسن رسول بخش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري روڊ رستن تي ڌرڻا ھڻي ٽائون ڪاميٽي انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳوڻن دانهيندي ڪندي چيو ته پورو شھر گندگي ۽ گندي پاڻي ۾ ٻوڏي کنڊرات ۾ تبديل ٿي ويو آھي روڊ رستا گھٽيون تباھ ٿي ويا آھن پر چونڊيل نمائنده توڙي انتظاميه ڳوليا نٿا ملن،  شھر واسي پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻ بچائڻ ۾ مصروف آھن ڪير به پرگهور لھڻ لاءِ تيار ناهي ڊي سي نوشھروفيروز، ٽائون آفيسر محرابپور کي ڇنڊ پٽيندي متاثر علائقن مان گندو پاڻي هنگامي بنيادن تي نيڪال ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

  • شهدادپور ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف شهري جو احتجاج

شھدادپور ( ن ع آ ) شھدادپور جي راشدي ٽائون جي رهندڙ  پيرسن فقير الهبچايو ملاح احتجاج ڪندي چيوته ته پبلڪ کاتي شھدادپور جي بي ڌياني سبب منهنجي گهرآڏو گندو پاڻي ۽ برساتي پاڻي بيٺل آھي هن چيوته پبلڪ هيلٿ کاتي جو عملو ڄاڻي واڻي مون غريب مسڪين سان بي  واجبي پيو ڪري پاڻي نيڪال نه ٿيوته آئون مرڻ گهڙي تائين پريس ڪلب شھدادپور آڏو احتجاج ڪندس جنهن جي تمام تر زميواري پبلڪ هيلٿ کاتي شھدادپور جي ايس ڊي او ۽ عملي تي هوندي

  • کوکراپار ۾ واڻ ڪنڌ ڊيم  ٽٽي ويو، پاڻي ضايع، مرمت  نه ٿي

کوکراپار(ن ع آ)  ملير جي پٺتي پيل  علائقي موئيدان ۾ تازو تيز برساتن سبب جابلو علائقن مان ايندڙ برساتي ٻوڏ ڪنڊ جھنگ ۾ موجود سنڌ حڪومت جي ايريگيشن کاتي طرفان جوڙيل سلطان شاھ ڊيم کي ٽوڙھڻ کانپوء ڪالھ انھي علائقي جي وڌيڪ ھڪ ٻئي   واھڻ ڪنڌ ڊيم جيڪو پبلڪ ھيلٿ کاتي پاران جوڙايو ويو ھو انھي کي به ٽوڙھي ڇڏيو آھي جنھن ڪري ڪوھستاني علائقي موئيدان ۾ آباد ھزارين ماڻھن کي ڏڪر کان بچائڻ لاء ڊيمن ۾ گڏ ٿيل پاڻي ضايع ٿي ويو آھي جڏھن ته  علائقي واسين جو چوڻ آھي ته ناقص مٽريل مان ٺاھيل وڌيڪ ڊيمن جي ٽٽڻ جو خطرو به وڌي ويو آھي جڏھن ته وڌيڪ تيز برساتن وسڻ جي امڪان باوجود  ھن وقت تائين ٽٽل ڊيمن جي  ھنگامي بنيادن تي مرمت نه ٿي سگھي آھي جنھن سبب برسات سبب علائقي واسين جي چھرن تي آيل خوشي ڳڻتي ۾ تبديل ٿي ويئي  آھي اھڙي صورتحال کانپوء موئيدان  واسين سنڌ حڪومت ايريگيشن کاتي ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتي کان اپيل ڪئي  آھي ته  ڪراچي جي ڏورانھين علائقي موئيدام جيڪو بنيادي سھولتن کان معروم آھي جتي ٽٽل ڊيمن جي فوري طور تي مرمت ڪري زراعت سميت چوپائي مال ۽ انساني حياتين کي  بچايون وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.