سکر سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه، وڌيڪ هڪ لاش هٿ، انگ 25 ٿي ويو

سکر(رپورٽر ) سنڌو درياهه ۾ چاڙهه کانپوءِ لاشن ملڻ جو سلسلو جاري، وڌيڪ هڪ لاش هٿ، انگ 25 ٿي ويو، خبرموجب سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي چاڙهه کانپوءِ نامعلوم ماڻهن جي لاشن جو ملڻ وارو سلسلو جاري آهي. جڏهن ته روهڙي ٿاڻي جي حد سکر بئراج جي گيٽ نمبر 48 مان نامعلوم شخص جو لاش هٿ آيو آهي، اهڙو اطلاع ملڻ تي لاش سنڌو درياهه مان ڪڍرائي تعلقي اسپتال روهڙي آندو، جتي لاش جي سڃاڻپ نه ٿيڻ تي ايڌي رضاڪارن حوالي ڪيو ويو، جن لاش کي لاوارث ڄاڻائي نئون ڳوٺ قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته ٻن هفتن دوران سکر بئراج مان 25 نامعلوم ماڻهن جا لاش هٿ اچي چڪا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.