لاڙڪاڻو (ڊر ) تعلقي قمبر جي ڳوٺ نور محمد هليو ۾ ٻاراڻي ڳالھه تان هٿياربندن جي مبينا فائرنگ 18 سالن جو نوجوان اديب ولد ذوالفقار هليو زخمي ٿي پيو، جنهن کي سندس وارثن کڻائي لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو، جتي زخمي نوجوان جو علاج ڊاڪٽرن پاران هلندڙ آهي. ان موقعي تي زخمي نوجوان جي والد ذوالفقار هليو صحافين کي ٻڌايو ته ٻارن جي معمولي ڳالھه تان سئوٽ جي پٽ عارف هليو منهنجي پٽ اديب هليو کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي اسان کڻائي علاج لاءِ اسپتال آندو آهي.