ٿر ۾برسات بعد پنجاب جا شڪاري پهچي ويا، ناياب بازن، مورن ۽ تترن جو شڪار

ڇاڇرو(رپورٽ يعقوب بجير ) ٿرپارڪر ۾ وسڪاري جي مند ايندي ئي پنجاب جا شڪاري ٿر پهچي ويا ناياب پکين جو غيرقانوني شڪار  جاري آهي. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب  ڏاهلي تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ پنجاب کان ايندڙ شڪاري ناياب نسل جا باز ،مور،۽ تترن جو شڪار ڪري رهيا آهن .ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ رهاڻ ويجهو شڪارين پاران غير قانوني ڪئمپ قائم ڪري باز شڪار ڪري هيا ته ڳوٺاڻن نیاز محمد ،حاجی سهراب، یار محمد ،عبدالقیوم ، اسلم ، عطااللہ،  سمجھو سميجو شڪارين جو گهيرو تنگ ڪري ،شڪارين کان غيرقانوني شڪار ڪيل ناياب نسل جا باز ،مور ۽ تتر ڇڏائي ڀڄائي ڇڏيو .ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجھ ڏينھن کان اطلاع ملي رهيا هئا ته پنجاب کان غيرقانوني طور شڪاري ڳوٺن ۾ وڃي معصوم پکين جو شڪار ڪرر رهيا اهن جنهن بعد اسان پيڇو ڪري انهن کي هٿ ڪري پڪڙيل ناياب نسل جي پکن کي ڇڏرائي تنبيه ڪري ڳوٺان ڀڄائي ڇڏيو ڳوٺاڻن جهنگلي جيوت کاتي ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته پنجاب کان آيل غيرقانوني شڪار ڪندڙ شڪارين خلاف ڪارروائي ڪري معصوم پکين کي تحفظ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.