پيرڳوٺ لڳ ٻارن جي ڳالهه تان نوجوان گوليون هڻي قتل

پيرجوڳوٺ (رپورٽ: علي گل جوڻيجو) پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ غفار ۾ جاگيراڻي برادري جي ڪيهر جاگيراڻي، ۽ ڌڻي بخش جاگيراڻي واري ڌرين ۾ ٻارن جي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو. جنهن ۾ فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان ڌڻي بخش ولد محمد جاگيراڻي گوليون لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وڏا ماڇيون پوليس ۽ وارثن پهچي زخمي کي ڳڻتي واري حالت ۾ خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هوُ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو، جڏهن ته ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. جڏهن ته نوجوان جي قتل بعد جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. ان ڏس ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته گذريل جاگيراڻي برادري جي ڌڻي بخش جاگيراڻي ۽ ڪيهر جاگيراڻي واري ڌرين ۾ ٻارن جي ڳالھ تان منهن ماري ٿي هئي جنهن بعد ڇڪتاڻ ٿي جنهن ۾ نوجوان قتل ٿي ويو. ٻئي طرف وڏا ماڇيون پوليس جو چوڻ آهي ته جاگيراڻي برادري جي ٻن ۾ معمولي ڳالھ تان نوجوان قتل ٿيو آهي. وارثن جي پهچڻ بعد ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.