قاضي احمد ۾ گهرواري ۽ سهري جي قتل ڪيس ۾ گهربل مک جوابدار گرفتار

قاضي احمد (ن ع آ) قاضي احمد ٿاڻي جي حد ڪريم آباد اسٽاپ تي 15 ڏينهن اڳ جوابدار معمولي ڳالھه تان پنهنجي زال عائشا ملاح ۽ سھري لال بخش ملاح کي گوليون  ھڻي بيدردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويو ھو، جوابدار غلام قادر ڪلھوڙو بڇيري ڀرسان گرفتار ڪيو ويو آهي، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او قاضي احمد سان رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان ٽيڪنالاجي سسٽم ذريعي بڇيري جي علائقي ڀرسان قتل جي مک جوابدار غلام قادر ڪلھوڙو کي گرفتاري ڪيو آهي جيڪو پنهنجي زال ۽ سھري جي قتل جو جوابدار آهي ۽ قتل ڪيس ۾ شامل بقايا جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويـندو، قاتل ڀلي ڪيڏو به بااثر ھجي پر قانون جي پڪڙ کان بچي نه سگھندو اسان جي ڪوشش آهي امن امان کي بھتر کان بھتر بڻائي سگھون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.