ڏهرڪي لڳ جهيڙو، 4 عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي،متاثر ڌر جو احتجاج

ڏهرڪي (رپورٽ : اسد لغاري )ڏهرڪي لڳ ڳوٺ عالم چاچڙ ۾ سڱاوتي تڪرار تان چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ، جهيڙي ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب چئن عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا رائونتي پوليس پاران  جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف متاثر ڌر جي عورتن ٻارڙن سميت ڏهرڪي پريس ڪلب تي پهچي احتجاج ڪيو ، ان موقعي تي زاهد چاچڙ مائي سسئي ۽ ٻين چيو ته مائٽن سان وٽي سٽي تي سنڱ ٿيل هوا اسان جو نياڻيون انهن کي ڏنل آهن اسان سنڱن جو عيوض گهريو ته جوابدارن جانب  چاچڙ ،رانجهن چاچڙ ۽ علي گل چاچڙ اسان جي گهرن تي حملو ڪري فائرنگ ۽ تشدد ڪيو آهي ،تشدد سبب گهر ۾ موجود چئن عورتن سميت 6 ڄڻا سخت زخمي پيا ٿي آهن زخمين ۾  شازيه، عاصمه ، عمران، ٻيا شامل آهن جيڪي هن مهل سکر اسپتال ۾ زير علاج آهن هنن  ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين  وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي گهرن مٿان حملو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.