ڪنگورو شاخ جو نينگر ڍورو نارو شهر مان گم

ڊگھڙي(ن ع آ) ڊگھڙي ڀرسان ڪنگورو شاخ اسٽاپ جي رهواسي پيرسن معذور لال خان پٽ نظر سامي پريس ڪلب ۾ صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته اسان جي ويجهي عزيز سڪندر سامي جو 14 ورهين جو پٽ بلاول ٻه مهينا اڳ ڍورو نارو شھر مان گم ٿي ويو آهي، گهڻي ڳولا باوجود اڃا تائين ناهي ملي سگهيو، پوليس کي اطلاع ڏنو پر پوليس پوليس ڳولا ۾ مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته گم ٿيل نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.