ڪوٽڙي ڪبير لڳ سرڪاري اسڪول جي عمارت ۾ ڏار، تعليم متاثر

ڪوٽڙي ڪبير   ( ن ع آ ) ڪوٽڙي ڪبير لڳ ڳوٺ قلندر آباد يوسي ھالاڻي جو ملھار خان رند نالي گورنمينٽ پرائمري اسڪول کي برساتي پاڻي  ۾ ھنڌان ھنڌان ڏار پئجي ويا آھن، جنھن ڪري عمارت مڪمل تباهه حال آھي،  تدريسي عمل ٻاھر جاري رکيو ويو آھي، اسڪول ۾ 125 کان مٿي شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڙھي رھيون آھن، جتي سندن حياتيون خطري ۾ آھن، اسڪول جي ديوارن ۾ وڏا وڏا ھول پئجي ويا آھن،  ڇت ڪمزور ٿي ھيٺ ٿي وئي آھي،  ڪمپائونڊ وال جو نام نشان ختم ٿي ويو آھي، عمارت جي زبون حالي سبب شاگردن کي استاد عبدالشڪور ميمڻ ۽ سندس گھر واري  وڻ جي ھيٺان تعليم ڏئي رھيا آھن، مقامي ڳوٺاڻن اطھر قاضي، اياز علي سولنگي، روشن علي، فياض علي، عبدالطيف ۽ محمد ايوب صحافين کي ٻڌايو ته ھڪ ته اسڪول جي سرڪاري عمارت ناھي، جيڪا عمارت آھي اھا اسان جي ڪچي اوطاق آھي، برساتي پاڻي ۾  اوطاق سڄي ڪمزور ٿي وئي آھي  سالن کان  اوطاق ۾ ٻار پڙھندا رھندا آھن سرڪاري اسڪول جي عمارت ٺاھي ڏيڻ  لاءِ  تعليم کاتو نوشھروفيروز کي بار بار دانھون ڏئي چڪا آھيون، پر افسوس جو ان تي عمل نٿو ڪيو وڃي، اختياريون نوٽيس وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.