سنڌ حڪومت افغانين کي تحفظ فراهم ڪري رهي آهي

خيرپورناٿن شاهه (ت ر)خيرپورناٿن شاه ۾ ”ڌاريا سنڌ خالي ڪريو“ تحريڪ (ڪوئٽ سنڌ مومينٽ) پاران ڌاري آبادڪاري جي ڪري سنڌي  سماج ۽ مردم شماري تي پوندڙ منفي اثر جي موضع تي مقامي شادي هال ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، روادري تحريڪ جي اڳواڻ پنهل ساريو، سنڌ سجاڳي فورم جي سارنگ جويو، پورهيت مزاهمت تحريڪ جو اڳواڻ سيد مسرور شاهه، سنڌ سجاڳ فورم جو اڳواڻ محب آزاد، ايس يو پي جي ضلعي اڳواڻ حسين آزاد ۽ ٻين اڳواڻن سيمينار کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ افغاني بستيون ٺاهي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش ۾ برابر جي شريڪ آهي سنڌ جا حڪمران ڌرتي سان سچا هجن ها ته هي سنڌ جا نوجوان ڌارين جي آبادڪاري خلاف روڊن تي نه نڪرن ها، حڪمران ڌرتي ڌڻين مٿان غازي ڳوٺ ۾ گوليون هلائي انهن مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو ويو ۽ ڳوٺ غير قانوني قرار ڏنو ويو، سنڌ حڪومت ڌارين جي نيڪالي لاءِ ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته 1954 کان جيڪي به ڌاريا سنڌ ۾ آباد ٿيا آهن انهن کي نيڪالي ڏئي انهن جا ڪارڊ ڊوميسائل رد ڪري انهن کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي، هنن چيو ته پشتون مهمان ٿي آيا آهن ته مهمان ٿي رهن انهن کي ڪو به حق ناهي هتي سياست ڪن يا ملڪيت خريد ڪن يا ڪارڊ ڊوميسائل ٺهرائين اهيو غلط عمل آهي هو روزگار لاءِ سنڌ ۾ آيا آهن ته روزگار ڪن. هتي افغاني ڌارين جي سهولتڪاري پشتون ڪري رهيا آهن ته جئين سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿين. هنن چيو ته سنڌي قوم جو اهو مطالبو آهي ته سمورن افغاني ۽ ٻين ڌارين جا شناختي ڪارڊ فوري طور تي بلاڪ ڪيا وڃن نادرا جا ذميوار پاڻ چئي رهيا آهن ته 40 لک افغانين جا ڪارڊ ٺهيل آهن پر اسان سمجهون ٿا 40 لک کان وڌيڪ ڌارين جا شناختي ڪارڊ ٺاهيا ويا آهن سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ وڏي سازش ٿي رهي آهي جنهن سازش خلاف اسين پر امن جدوجهد شروع ڪئي آهي، عدم تشدد بزدلي وارو طريقو نه آهي اسين عدم تشدد واري جدوجهد تي يقين رکون ٿا، تقريب کي آصف کوسو، مشتاق چانڊيو، حفيظ چانڊيو، سيد عاقب شاهه، افضل لنڊ، ڪاشف گاڏهي، ذوالفقار کونهارو ۽ ٻين خطاب ڪيو، ان کان اڳ ڪوئٽ سنڌ مومينٽ جي ڪارڪنن مير حسن روڊ کان گو افغاني گو موٽر سائيڪل ريلي ڪڍي سڄي شهر جو گشت ڪري ڌاريا سنڌ ڇڏي وڃو سنڌ اسان جي ماءُ آهي جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندا سيمينار ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.