ملير ۾ ڌار ڌر ڪارروايون، 9 جوابدار گرفتار، هٿيار هٿ

ملير (ڊ.ر) بن قاسم پوليس ڪاروائي ڪندي لوهه ۽ ڪاپر چوري ۾ ملوث 9 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ملير سيد  عرفان بهادر صحافين کي ٻڌايو ته بن قاسم پوليس مختلف علائقن دوران گشت ڪاروائي ڪندي لوهه ۽ ڪاپر چوري ۾ ملوث 9 جوابدارن اسلم، محمد رشيد، محمد طارق، خالد حسين کرل، عبدالستار، محمد رفيق، جمعه خان، جانب علي ۽ دلبر علي کي گرفتار ڪري وٽان 3 ڪاپر جا بنڊل، 2 موٽر سائيڪلون نمبرKLH-0689 ۽ KLE-2531 هٿ ڪري ورتا آهن، جڏهن ته گرفتار جوابدارن دوران انٽروگيشن مختلف علائقن ۾ لوهه ۽ ڪاپر چوري ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي، ٻئي طرف شاهه لطيف پوليس سيڪٽر A-22 ۾ دوران گشت ٻن موٽر سائيڪل تي سوار چئن ڄڻن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار جڏهن سندس ٽي ساٿي ملزم فرار ٿي ويا، گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ سميع الله ولد پرويز سان ٿي آهي، گرفتار جوابدار وٽان چوري شده موٽر سائيڪل، ڦر ڪيل موبائل فون، پسٽل ۽ روڪ رقم 30 هزار روپيه هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته جوابدار ڦر، چوري ۽ پوليس مقابلن ۾ ملوث آهي جيڪو اي ٽي سي ڪورٽ مان روپوش آهي، روپوش جوابدارن جي تلاش ۽ گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل وڌيڪ جاچ جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.