خيرپور ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ، اسپتال منتقل

خيرپور(رپورٽ مختيار ڦلپوٽو)خيرپور ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ اسپتال منتقل ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڳوٺ فيضل مهر  مان 35 سالا نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي پوليس موجب هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ شاهنواز ولد غلام نبي بوزدار طور ٿي آهي هٿ آيل لاش جي معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي پوسٽ مارٽم بعد نوجوان جي موت جو سبب معلوم ٿي سگهندو،

  • گيانچند ايسراڻي طرفان هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ جانين جي ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار

ٿاڻوبولاخان (ن ع آ)اقليتي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي بلوچستان ۾ پاڪ فوج جي هيلي ڪاپٽر جي حادثي ۾ قيمتي  جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته امدادي ڪاررواين دوران افسوسناڪ حادثي ۾ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت جي خبر ٻڌي ڏک ٿيو آهي. هن چيو ته بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروائين جي نگراني ڪندي پاڪ فوج جا سينيئر آفيسر ۽ جوان شهيد ٿيا. قوم کي پنهنجي بهادر سپوتن تي فخر آهي. صوبائي وزير چيو ته شهدين جي وارثن ۽ پاڪ فوج جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.