وارهه مان شاگردياڻي گم،پوليس جي نگرانيءَ ۾اسڪول جي جهڙتي

وارھه (ن ع آ) وارھ ۾اسڪول وڃڻ بعد ايريگيشن پاڙي جي رهواسڻ ڇهين جماعت جي شاگردياڻي آسيه چانڊيو واپس گهر نه پهتي. وارثن ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو، خان بلاڻي، ڪامريڊ سرتاج چانڊيو، ساگر مشتاق چانڊيو ۽ ٻين عوامي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي انتظاميا کان نياڻي جي بازيابي جو مطالبو ڪيو،ان موقعي تي خان بلاڻي چيو ته هن جي ڀائيٽي آسيه گورنمينٽ گرلس اسڪول جي ڇهين ڪلاس ۾ پڙھندي آھي، جيڪا اسڪول وئي ۽ موڪل بعد واپس گهر نه پهتي، جنهن بعد اسين فڪرمند ٿي وياسين ۽ اسڪول انتظاميا سان رابطو ڪرڻ تي ھنن ٻڌايو ته نياڻي اسڪول آئي ھئي.  ھن چيو ته بعد ۾ اسان وارھ ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ۽ پوليس جي نگراني ھيٺ اسڪول کي سرچ ڪيو پر نينگري هٿ نه آئي.هن چيو ته شڪ آھي ته ڪٿي اسان جي نياڻي کي اغوا ڪيو ويو آھي،جنهن لاءِ اسين عوامي پريس ڪلب اڳيان انتظاميا جو ڌيان ڇڪائيندي اپيل ٿا ڪريون ته نياڻي جي بازيابي لاءِ  مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.