نوابشاهه ۾ هرطرف ياحسين جون صدائون، لوڊشيڊنگ، صفائي ۽ روشني جا انتظام اڻپورا

نوابشاهه (رپورٽ ايم بي چانڊيو) سڄي دنيا جيان نواب شاهه ۾ به محرم الحرام جو عشرو انتھائي عقيدت ۽ احترام سان منعقد ڪيو ويو آھي، ھر طرف يا حسين ع، يا حسين ع جون صدائون بلند ٿي رھيون آھن، قائد ملت جعفريه پاڪستان علامه سيد ساجد علي نقوي جي ھدايتن پر جعفريه  يوٿ، جعفريه اسڪائوٽ، العجل اسڪائوٽ جا ڪارڪنن پوليس ۽ رينجرز سان گڏ مجلسن ۾ سيڪورٽي جا فرض سرانجام ڏئي رھيا آھن، عشره محرم الحرام جي سلسلي ۾ مجلسن جو سلسلو جاري آهي، مرڪزي مرتضوي امام بارگاهه ۾ مولانا عبدالستار سومرو، امام بارگاهه شاھ خراسان ۾ مولانا صابر حسين، امام بارگاهه مبدت العلوم ۾ مولانا عوسجه رضوي، امام بارگاهه قمر بني ھاشم ۾ مولانا عامر عباس نجفي، امام بارگاهه حسينيه سجاديه ۾ مولانا بھادر علي تنيو، امام بارگاهه ابوالفضل عباس ۾ مولانا ڪفايت ڪريمي، امام بارگاهه امام سپاھ مھدي ع ۾ مولانا عبدالحڪيم لاشاري، امام بارگاهه موسيٰ ڪاظم عليه السلام ۾ غلام رضا رباني، امام بارگاهه يادگار ڪربلا ۾ آصف حسين الحسيني خطاب ڪري رھيا آھن، جڏهن ته شيعه علماءِ ڪائونسل پاڪستان ڊويزن شھيد بينظيرآباد جي صدر زوار محمد حسين چانڊيو، مولانا عطا حسين چانڊيو، سيد جعفر علي شاهه، فياض حسين ليکھي ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته محرم الحرام جي عشري دوران لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي، صفائي ۽ روشني جا انتظام مڪمل ڪيا وڃن، ھنن چيو ته عزاداري امام حسين عليه السلام ڪرڻ اسان جو شرعي حق آھي جنھن ۾ ڪابه رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي، ھنن نوشھرو فيروز ۾ سبيل امام حسين عليه السلام تي رڪاوٽ تي مذمت ڪندي چيو ته اڃارن کي پاڻي نٿو پيئڻ ڏنو وڃي ھي ڪھڙو قانون آھي، ٻئي طرف شيعه علماءِ ڪائونسل پاڪستان ضلع شھيد بينظيرآباد پاران عزادارن جي مسئلن جي حل لاءِ عزاداري سيل پوائنٽ ٺاھيو ويو آھي جنھن جي مرڪزي ڪئمپ مرڪزي مرتضوي امام بارگاهه نواب شاهه ۾ موجود آھي.

  • ميرپورخاص ۾ هر گھٽيءَ مان  يا حُسين جون صدائون بُلند

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ شهداءُ ڪربلا کي پرسو ڏيڻ لاءِ عزاداري جو سلسلو تيز ٿي ويو، شهر جي هر گھٽي مان  يا حسين جون صدائون بلند ٿي ويون، امام بارگاهن ۽ عزاخانن ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ مجلسون منعقد ڪري ماتم حسين جو سلسلو ڪالهه ٽئين ڏينهن به جاري رکيو ويو. مرڪزي امام بارگاهه درگاهه مکڻ شاهه ۾ منعقد ڪيل مجلس کي خطاب ڪندي مولانا محمد شجاع نقوي، مولانا بشير جوادي ۽ ٻين ذاڪرن چيو  ته ڪربلا اهڙو پيغام آهي، جنهن ۾ جنت ۾نوجوانن جي سردار امام حسين عليه السلام الله جي وحدانيت جي بچاءَ لاءِ پنهنجي گهر وارن ۽ سڀني ٻارن کي قربان ڪري ڇڏيو، محرم الحرام هڪ مقدس مهينو آهي. جيڪو سڄي ڪائنات ۾ ملهايو وڃي ٿو، امام حسين اسان کي انسانيت جو درس ڏنو آهي، اسان کي پنهنجي رب لاءِ ڪربلا جي شهيدن جي ڏنل قرباني جي فلسفي کي سمجهڻ گهرجي ۽ صبر ۽ تحمل، حوصلي کان ڪم وٺڻ گهرجي.هنن چيو ته امام حسين ڪنهن عام ماڻهوءَ جو نالو نه آهي، اهو حسين  جو نالو آهي، جنهن جي لاءِ رسول خدا ﷺ فرمايو حسين و من انا من حسين، امام حسين  جي رضا ۽ تقوا حاصل ڪرڻ گهرجي. امام حسين  جي رضا حاصل ڪرڻ.  پرهيزگاري، محبت، اخوت، رحمت ۽ بخشش سان عمل ڪريو ۽ جيڪو به انهن سڀني عملن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ شامل ڪري وٺندو آهي، الله تعاليٰ سڀني مسلمانن کي حسين جي واٽ تي هلڻ ۽ امام حسين جي قول کي سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي. اڄ جي انسان کي ڪربلا جي شهيدن جي قربانين ۽ اهلبيت سان سندن محبت مان سبق سکڻ ۽ قرباني جي فلسفي کي سمجهڻ گهرجي.

  • فريد آباد ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ ماتمي جلوس برآمد

فريدآباد (ن ع آ)فريدآباد لڳ ڳوٺ مٿين اکڪڍائي ۾ حيدري امام بارگاهھ، مسجد حسن مجتبا عليه، ڳوٺ عاليوال، سيدپور، سوجھرو ميرواڻي  ۽ ٻين ھنڌن تي مجلسون منعقد ڪيون ويون ۽ مومنن عزاداري سينازئي ڪئي، مختلف ھنڌن تان ماتمي جلوس برآمد ٿيا، جڏهن ته ڳوٺ مٿين اکڪڍائي ۾ حيدري امام بارگاھه جي ميزبان فقير رستم چانڊيو، مسجد حسن مجتبا عليه جي صدر ميھرعلي چانڊيو، مولوي عبدالرسول چانڊيو، مولوي حاڪم علي لغاري ۽ مولوي راشد حسين چانڊيو مجلسن کي خطاب ڪندي چيو ته امام حسين عليه ڪربلا ۾ سر قربان ڪري ناني نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جو دين بچايو، جڏهن ته ماتمي جلوسن ۾ ھرطرف ياحسين جو صدائون بلند ڪيون، جڏهن ته فريدآباد ۾ ٿڌي ۽ مٺي شربت جون سيد ظفر علي شاھه، اميد علي چانڊيو، راشد حسين چانڊيو، مولائي صابر حسين چنا، عبدالحفيظ ڏيرو ۽ ٻين جي گراني ۾ سبيلون لڳايون ويون، جڏهن ته فريدآباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبد الله جويو، وڏو منشي خالد سوڍر، ننڍو منشي آصف زرداري پوليس ساڻ ڪري مجلسن کي سيڪيورٽي جا انتظام پڻ سخت ڪيا ويا ھئا.

  • نوشهري جي ڊي سي محرم الحرام جي حوالي سان دورو ڪيو

نوشھروفيروز  ( ڊ ر )  ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز محمد تاشفين عالم  اڄ مھرابپور،ھالاڻي، ڪنڊيارو شھرن جو دورو ڪيو. ان موقعي  تي ھن محرم الحرام جي ماتمي جلوس جي روٽ تي صفائي سٿرائي ،سيڪورٽي،روشني ۽ ٻين انتظامن جو جائزو ورتو. ان روٽ تي موجود برساتي پاڻي جي نڪاسي لاءِ لاڳاپيل آفيسرن کي موقعي تي حڪم ڏنا. ان موقعي تي ان شھر جي مختلف علائقن ،گھٽين ۽ امام بارگاھن جو پڻ دورو ڪيو.ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل ٽائون آفيسرن کي شھرن ۾ صفائي ،برساتي پاڻي جي نيڪاسي جا حڪم ڏنا ۽ چيو ته  ھڪ ڏينھن اندر صفائي جي انتطام ڪيو وڃي ڪم اڄ کان شروع ڪيو وڃي. ھڪ ڏينھن ۾صفائي جوعمل مڪمل ڪري کيس رپورٽ ڏني وڃي. ھن لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنرکي ھدايت ڪئي ته  پاڻ انتظامن جي نگراني ڪري. ڊپٽي ڪمشنرھالاڻي جي ماتمي پڙن جي صفائي لاءِ ٽائون آفيسرکي حڪم ڏنا جڏھن ته ڪنڊياروشھرجي مختلف روٽن تي پڻ انتظامن جو جائزو ورتو.

  • سجاول ۾ماتمي جلوسن جي گذرگاهن تي برساتي پاڻي بيٺل. عزادارن جو احتجاج

سجاول (ڊ ر) سجاول ۾ماتمي جلوسن جي گذرگاهن تي برساتي پاڻي بيٺل، صفائي نه ڪرائڻ ۽ ماتمي جلوسن کي سڪيورٽي نه ڏيڻ تي انتظاميا خلاف عزادارن احتجاجي مظاهرو ڪيو. حاجي مظفر لغاري، مختيار دايو، گل  محمد لغاري ۽ سوشل ورڪر ممتاز علي لغاري چيو ته  ماتمي جلوسن جي گذگاهن تي پاڻي بيٺل آهي، شهر جي هر گهٽي ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن، صفائي سٿرائي نه هئڻ ڪري شهر گند جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو آهي.هنن چيو ته امام بارگاهن توڙي ماتمي جلوسن جي سڪيورٽي لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا ويا آهن ۽ نه وري ان سلسلي ۾ انتظاميا اڃا تائين اسان سان ڪو سھڪار ڪيو آھي.هوڏانهن ڊي سي ظهور مري ۽ ڊي ايس پي احتجاج  ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري خاطري ڪرائي ته اوهان جا مطالبا فوري طور حل ڪيا ويندا.مظاھرين جو چوڻ ھو ته انتظاميا کي اسان ٻن ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آھي، جيڪڏهن مسئلا حل نه ٿيا ته 6 محرم الحرام تي سجاول کان  ڪراچي ويندڙ مين روڊ برانچ موري تي ڌرڻو هنيو ويندو .

  • مقصودو رند ۽ ڀرپاسي ۾ محرم جا جلوس، عزاداري جاري

مقصودو رند(ن ع آ) محرم الحرام جي حوالي سان مقصودو رند ۾ امام بارگاھ دعاءِ زھرا، امام بارگاھ مدرسه سجاديہ ۽ مختلف ڳوٺن ۾ مراد علي رند ،يارو رند، ٻاجھي رند، دائم حاجاڻو، مريد جھلڻ ، حاجي رند ، مٺو رند، سھجو رند، ڌگاڻو رند، ولي محمد رند ، خيرو رند، منڌو رند، خان رند، زوار لعل بخش رند ، بلاول زرداري ،بنگل زرداري، راضي زرداري، سرفراز لاشاري، غازي خان لاشاري، جيئندو رند ۽ ٻين ڳوٺن ۾ عزاداري جو سلسلو جاري آهي مختلف امام بارگاهن ۾مجلس عزا منعقد ڪئي وئي مجلس عزا کي مختلف علماء ڪرامن علامه عامر عباس قمي، مولوي مدد علي سعيدي ،مولوي مداح حسين مخلصي ،مولوي سينگار حسين ،مولوي بخت حسين، مولوي محمد نواز رند ،مولوي الطاف حسين رند ،مولوي صدورو خان رند ۽ ٻين خطاب ڪيو ۽ ڪربلا ۾ عظيم قرباني ڏيندڙ شھيدن کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي جڏھن ته مختلف ڳوٺن جي انجمنن پاران نوحه خواني ڪئي وئي جڏھن ته ننگر نياز ۽ سبيلن جو سلسلو پڻ جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.