خيرپور ۾ پورهيت ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

خيرپور(س ر)مل ڪالوني خيرپور ۾ پورهيت بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، تفصيل موجب بي سيڪشن ٿاڻي  جي حد ۾ مل ڪالوني ۾ پورهيت بشير سومرو پنهنجي گهر جي بجلي درست ڪرڻ لاءِ  بجلي جي پول تي چڙهيو ته ڪرنٽ سبب ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته پورهيت جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جنهن بعد مرحوم جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي،جنهن ۾ سياسي سماجي،مذهبي اڳواڻن، شهرين، مٽن مائٽن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مرحوم کي اباڻي قبرستان شهيد بادشاه ۾ مٽيءَ ماءُ جي حوالي ڪيو، جڏهن ته پوئيرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.