ڪڍڻ ويجهو 19 ورهين کان اسڪول لاءِ پڪي عمارت نه ملي

ڪڍڻ (ن ع آ ) ڪڍڻ جي يوسي ٻهڊمي جي ڳوٺ ولي محمد جمالي ۾ 19 ورهين کان هلندڙ پرائمري اسڪول کي اڃا تائين پڪي عمارت نه  ملي سگهي، جڏهن ته برساتن سبب ڳوٺاڻن طرفان پنهنجي مدد پاڻ تحت ٺاهيل ڪچي جهوپڙي جي ڇت ۽ ڀتيون پڻ ڪري پيون، جنهن ڪري 50 جي لڳ ڀڳ ٻار کليل آسمان هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. جڏهن ته گرمي ۽ برسات جي موسم ۾ سندن تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڪيترائي دفعا تعليم کاتي جي اختيارين کي درخواستون ڏنيون آهن پر اڃا تائين ڪو به کڙتيل ناهي نڪتو، عمارت نه هجڻ سبب اسان جي ٻچڙن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسڪول جي پڪي عمارت ڏئي پريشاني کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.