نصيرآباد ۾ گيسٽرو، اسپتال ۾ او پي ڊي 200 کان وڌي وئي

نصيرآباد (ن ع آ) نصيرآباد ۽ ڀرپاسي برسات کان پوءِ گيسٽرو وڌي ويو، مريضن کي علاج خاطر خانگي اسپتالن کان علاوه سرڪاري اسپتال ۾  آندو پيو وڃي.سرڪاري اسپتال ۾ روزاني او پي ڊي 200 کان وڌي وئي. ٻئي طرف سرڪاري اسپتال ۾ دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ سبب مريضن جو وڏو تعداد پريشان آهي، جن کي منھن ڏيڻ لاءِ هڪڙو ڊسپينسر مقرر آهي. هتان جي سياسي سماجي تنظيمن مطالبو ڪيو آهي ته گيسٽرو جي مريضن کي رليف ڏيڻ لاءِ سرڪاري اسپتال ۾ دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.