ميھڙ(ت ر) ميهڙ ۾ بدامني برقرار ۔ واپارين جي احتجاج باوجود پوليس خاموش ۔ ميهڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد رجب شاه قبرستان جي گيٽ وٽان 2 نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربند گهر کان پيادل شھر طرف ايندڙ فروٽ جي هول سيل واپاري منظور پٽ شعبان قمبراڻي کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي کائنس 230000 ٻه لک ٽيھ هزار ڦر ڪري فرار ٿي ويا واقعي جو اطلاع ميهڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي تي ڏنو ويو آھي