ملير مان راشن وٺڻ لاءِ ويل نينگر نه موٽيو، اغوا جو شڪ

ملير (ڊ.ر) قاسم لڳ صابو گبول ڳوٺ مان 13 سالا نينگر جمعو گبول گذريل سومر ڏينهن صبح 10 وڳي گهر جو سودو وٺڻ لاءِ ڳوٺ جي دڪان تي ويو هو جنهن بعد واپس گهر نه موٽيو هيو، نينگر جي پيءُ عبدالڪريم گبول ملير پريس ڪلب پهچي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو پٽ گهر جو راشن وٺڻ لاءِ گذريل ڏينهن گهران نڪتو جيڪو واپس نه ٿيو آهي، هن شڪ ظاهر ڪندي چيو ته منهنجي پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي، اسين مسڪين ماڻهو آهيون اسان جي ڪنهن به شخص يا سياسي پارٽي سان ڪوبه تعلق وغيره نه آهي، هن ٻڌايو ته بن قاسم ۽ اسٽيل ٽائون ٿاڻن تي گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي وئي آهي پر 2 ڏينهن گذرڻ جي باوجود ان جو ڪوبه ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي، هن آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته منهنجي پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.