چوڌري شجاعت جو گروپ پرويز الاهي جا ميمبر ٽوڙڻ لاءِ سرگرم

لاهور (ويب ڊيسڪ) چوڌري شجاعت گروپ عمران خان جي حمايت ڪندڙ (ق) ليگ جي ايم اين ايز سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته چيئرمين عمران خان پنجاب ۾ 18 رڪني ڪابينا جي منظوري ڏني، جنهن ۾ حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ق ليگ جو هڪ به ميمبر شامل ناهي.

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اهڙي حرڪت تي ق ليگ اسيمبلي ميمبر حيران ۽ پريشان ٿي ويا.

ان کان اڳ عثمان بوزدار جي ڪابينا ۾ ق ليگ جا ٻه ميمبر هئا پر موجوده ڪابينا ۾ رڳو پي ٽي آءِ ميمبر شامل آهن.

وفاقي ڪابينا جوڙڻ کانپوءِ چوڌري شجاعت ڪيمپ عمران خان جي حمايت ڪندڙ ق ليگ جي 10 ميمبرن سان رابطو ڪري کين واپس اچڻ جو چيو.

چوڌري شجاعت ڪيمپ ۾ پيغام ڏنو ته هو اڃا به آصف زرداري ۽ ن ليگ سان ويهي سگهن ٿا، حڪومت به ٺاهي ويندي ۽ وزارتون به ملنديون.

ياد رهي ته هن وقت (ق) ليگ ٻن ڌڙن ۾ ورهايل آهي ۽ چوڌري شجاعت ڪيمپ پرويز الاهي گروپ جي پارليامينٽرين کي پاڻ سان گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.