اڳوڻي پاڪستاني آل رائونڊر جي پٽ جي ڪرڪيٽ ميدان ۾ انٽري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي اڳوڻي آل رائونڊر عبدالرزاق اميد ظاهر ڪئي آهي ته سندس پٽ علي رزاق ڪشيمر پريميئر ليگ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندو.

اڳوڻي آل رائونڊر عبدالرزاق کي پنهنجي پٽ علي مان وڏيون اميدون آهن ته هو ڪي پي ايل جي ٻئي ايڊيشن ۾ موقعي مان فائدو کڻندو.

عبدالرزاق اميد ظاهر ڪندي چيو ته پٽ مشهور ڪرڪيٽرن ۽ سرپرستن سان گڏ ڊريسنگ روم شيئر ڪري پنهنجي راند کي بهتر بڻائيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.