مٽياري: ضلعي ۾ گيسٽرو تيزي سان پکڙجڻ لڳي، 80 کان وڌيڪ مريض اسپتال داخل

مٽياري ضلعي ۾ گيسٽرو تيزي سان پکڙجڻ لڳي، جڏهن ته 80 کان وڌيڪ مريضن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.

ضلعي ۾ گرمي ۾ واڌ بعد شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گيسٽرو تيزي سان پکڙجڻ لڳي آهي جنهن سبب سرڪاڙي توڙي خانگي اسپتال ۾ مريضن جي رش لڳل آهي.

گيسٽرو ۾ ورتل 80 کان وڌيڪ مرد، عورتن توڙي ٻارڙن کي علاج لاءِ مٽياري جي تعلقي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

ساڃاهه وند ڌرين مرض تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سنڌ سرڪار ۽ صحت کاتي کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور بيماري کان بچاءَ اپاءَ ورتا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.