نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) فلمن ۾ ته اڪثر اداڪارن کي اشتهاري ڏوهاري ٿيندي ڏٺو ويو آهي پر هاڻي انوکو واقعو سامهون آيو آهي جنهن ۾ هڪ ڏوهاري 30 ورهين کان نالو تبديل ڪري فلمن ۾ اداڪاري ڪندو رهيو.
انڊيا جي اسپيشل ٽاسڪ فورس هڪ اهڙي شخص کي گرفتار ڪيو آهي جيڪو اشتهاري ڏوهاري هو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اوم پرڪاش عرف پاسا ماضي ۾ انڊين آرمي ۾ رهيو جنهن کي 1988 ۾ برطرف ڪيو ويو.
ڀارت جي رياست اتر پرديش جي پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوهاري 2007 کان مقامي فلمن ۾ ڪم ڪندو رهيو ۽ هن وقت تائين 28 فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي جنهن ۾ ٽڪرائو، دبنگ چوپڙا يو پي ۽ جهٽڪا شامل آهن.
پوليس چيو ته ڏوهاري قتل ۽ چوري سميت مختلف ڏوهن ۾ گهربل هو.
اوم پرڪاش کي غازي آباد مان گرفتار ڪيو ويو جيڪو پوليس کان پنهنجي سڃاڻپ لڪائي ويٺو هيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي تحقيقن ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته اوم پرڪاش 1984 ۾ ڏوهن جي دنيا ۾ پير پاتو ان وقت فوج ۾ ڀرتي هو جنهن کانپوءِ لاپتا ٿي ويو ۽ 1988 ۾ کيس برطرف ڪيو ويو.
رپورٽ موجب 1992 ۾ ڌاڙي دوران هن هڪ شهري کي چرين جا وار ڪري قتل ڪيو جنهن تي مٿس ڀواني ضلعي ۾ ڪيس هلندڙ آهي.