فارن فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان سان رعايت ڪئي وئي آهي: سعد رضوي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي امير حافظ سعد حسين رضوي چيو آهي ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان سان رعايت ڪئي وئي آهي.

لاهور ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي سعد رضوي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ عمران خان کي سزا بدران تنبيهه ڪئي وئي، جوابدار کي سزا ڏني ويندي آهي، شوڪاز نوٽيس ناهي جاري ڪيو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته اسان ڪنهن سياسي پارٽي سان چونڊ اتحاد نه ڪنداسين، ميثاق معيشت جي شروعات حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کان شروع ٿيڻ گھرجي.

ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن 8 سالن کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پابندي مڙهيل پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.