صحت: دماغ جي سلامتي چاهيو ٿا ته هينئر ئي هن خوراڪ کان پاسو ڪريو

الٽرا پراسيس خوراڪ جي گهڻي استعمال سبب دماغ تيزي سان ناڪاري اثرن ڏانهن وڌڻ شروع ڪري ڏيندو آهي.

الٽرا پراسيس خوراڪ، سڻڀ، تيل ۽ کنڊ جو استعمال وڌيڪ هوندو آهي ته جيئن ان جو ذائقو بهتر ٿي سگهي ۽ گهڻي وقت تائين محفوظ رکڻ ممڪن ٿي سگهي.

الٽرا پراسيس خوراڪ ۾ ڊبل روٽي، فاسٽ فوڊز، مٺايون، ٽافيون، ڪيڪ، لوڻياٽ واريون شيون، بريڪ فاسٽ سيريلز، چڪن ۽ فش نگٽس، انسٽنٽ نوڊلز، مٺا شربت ۽ سوڊا وغيرا شامل آهي.

وڌيڪ چوڻ جي ضرروت ناهي ته ان خوراڪ جو استعمال موجودا دور ۾ ڪيتري حد تائين وڌي چڪو آهي.

ان کان اڳ تحقيقي رپورٽس ۾ ثابت ٿيو آهي ته الٽرا پراسيس خوراڪ جو استعمال ٿولهه، دل ۽ رت جي دوري جهڙن مسئلن، شوگر ۽ ڪينسر جهڙن مرضن جو خطرو وڌائيندو آهي.

هاڻ هن نئين تحقيق ۾ انڪشاف ڪوي ويو آهي ته ان خوراڪ جو استعمال دماغي صحت لاءِ پڻ نقصانڪار هوندو آهي ۽ دماغ جي اهم فعلن جهڙوڪ تفيصل جو تجزيو ڪرڻ ۽ فيصلو ڪرڻ وغيرا ڪرڻ واري صلاحيت سخت متاثر ٿيندي آهي.

تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته اهڙي خوراڪ جو گهڻو استعمال ڪرڻ وارن ماڻهن ۾ دماغي تنزلي جي رفتار ٻين جي ڀيٽ ۾ 28 سيڪڙو وڌيڪ تيز هوندي آهي جڏهن اهم فعلن جي ڪارڪردگي ۾ 25 سيڪڙو گهٽائي ايندي آهي.

الزائمر ايسوسيئيشن جي عالمي ڪانفرنس دوران پيش ڪيل تحقيقي نتيجن موجب برازيل جي ڏهه هزار شهرين جو جائزو ڏهن ورهين تائين ورتو ويو، جن مان پنجاهه سيڪڙو عورتون هيون جن جي سراسري عمر 51 ورهيه هئي.

هنن ماڻهن جي تحقيق جي شروعات ۽ پڄاڻي تي دماغي ٽيسٽ ڪيا ويا ۽ سندن غذائي عادتن بابت ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي.

يونيورسٽي آف سائوپائولو ميڊيڪل اسيڪول جي ان تحقيق ۾ شامل محققن ٻڌايو ته برزايل ۾ ماڻهو روزاني خوراڪ ۾ پنجويهه کان ٽيهه سيڪڙو ڪيلوريز الٽرا پراسيس خوراڪ مان حاصل ڪندا آهن، مطلب تمام گهڻو فاسٽ فوڊ واپرائيندا آهن.

تحقيق ۾ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪي ماڻهو روز ويهه سيڪڙو کان وڌيڪ ڪيلوريز پراسيس خوراڪ مان حاصل ڪندا آهن، انهن منجهه دماغي صحت پٺتي پوڻ جي رفتار ٻين جي ڀيٽ ۾ اٺاويهه سيڪڙو ڌيڪ هوندي آهي.

محققن ٻڌايو ته ماڻهن کي خبر هئڻ گهرجي ته هو جيڪو ڪجهه کائن ٿا اهو سندن دماغ تي پڻ اثر انداز ٿيندو آهي، تنهنڪري بازار ۾ موجود الٽرا پراسيس خوراڪ جو استعمال فوري ترڪ ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.