خبردار! هڪ غلطيءَ سان دنيا تباهه ٿي ويندي

گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته هڪ غلط فهمي سبب دنيا کي ايٽمي تباهي جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو.

ايٽمي گهٽائڻ واري معاهدي واري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس خبردار ڪيو آهي ته پهريون ڀيرو سرد جنگ کانپوءِ دنيا کي ايٽمي هٿيارن جو سڀ کان گهڻو خطرو موجود آهي.

وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۽ يوڪرين تي روس جي حملي کانپوءِ خدشو آهي ته حالتون وڌيڪ بگڙي سگهن ٿيون.

هن چيو ته اڄ انسانيت هڪ غلط فهمي، هڪ غلط اندازي سبب ايٽمي تباهي جو شڪار ٿي سگهي ٿي.

هن وڌيڪ چيو ته اسان اڃا تائين تمام گهڻو خوش قسمت ثابت ٿيا آهيون، پر قسمت ڪائي حڪمت عملي ناهي نه ئي اها ايٽمي تڪرار جو سبب بڻجندڙ جغرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ جي خلاف ڪا مضبوط ڀت آهي آهي.

هن ميمبر ملڪن کان مطالبو ڪيو ته انسانيت کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ دنيا جي راستي تي آندو وڃي.

سندس چوڻ هو ته سڄي دنيا ۾ اٽڪل 13 هزار ايٽمي هٿيار آهن، ۽ اهي به اهڙي وقت ۾ جڏهن قومن ۾ ورهاست جو خطرو وڌي رهيو آهي ۽ تڪرار کي پکڙجڻ کان روڪڻ وارو عمل ڪمزور ٿي رهيو آهي.

ٻئي پاسي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙڻ ڏانهن خط ۾ روسي صدر والاديمير پيوٽن چيو ته ايٽمي جنگ ۾ ڪائي ڌر ڪاميابي حاصل نٿي ڪري سگهي ۽ اهڙي جنگ ڪڏهن به نه ڇڙڻ گهرجي.

هن چيو ته ايٽيمي جنگ ۾ڪو به فاتح ناهي هوندو، اهڙي جنگ ڪڏهن به نه ڇرڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.