فضل الرحمان حڪومت کان وڏو مطالبو ڪري ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ثابت ٿي ويو عمران خان يهودين سميت عالمي طاقتن جو ايجنٽ آهي.

پنهنجي بيان ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي منهنجي 2010 کان اختيار ڪيل موقف تي تصديق جي مهر هڻي ڇڏي، عمران خان ۽ ان جي پارٽي پرڏيهي طاقتن جي ايجنڊا تي آهي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊن تي پاڪستان جي مفادن خلاف ڪم ڪري رهي آهي، اليڪشن ڪميشن اڄ ان کي عالمي چور، مني لانڊرر، ڪوڙو ثابت ڪري ڇڏيو آهي.

سندس چوڻ هو ته حڪومت فوري طور تي عمران خان جي تاحيات نااهلي ۽ ان جي پارٽي تي پابندي جي ڪارروائي شروع ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.